اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل رات بحرين جي پرڏيهي وزير عبداللطيف بن راشد الزياني سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن دوران خطي جي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر ۽ وسيع تر خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان بحرين جي پرڏيهي وزير عبداللطيف بن راشد الزياني جي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه، خطي جي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل رات بحرين جي پرڏيهي وزير عبداللطيف بن راشد الزياني سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن دوران خطي جي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر ۽ وسيع تر خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ تازن حملن بشمول بحرين ۾ پيش ايندڙ واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير بحرين ۽ ان جي عوام سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ، ڳالهه ٻولهه کي فروغ ڏيڻ ۽ امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو.











