اسلام آباد -10 مارچ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي، ته پاڪستان جي ڊجيٽل مستقبل لاءِ فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي هڪ تاريخي قدم آهي جيڪو ڊجيٽل رابطن کي بهتر بڻائيندو ۽ پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت کي مضبوط ڪندو، سروسز اڳ ۾ اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ پنجن کان ڇهن مهينن اندر شروع ڪيون وينديون، نيلامي جي چار …
فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي پاڪستان جي ڊجيٽل مستقبل لاءِ تاريخي قدم آهي: شزا فاطمه خواجه

مزید خبریں
اسلام آباد -10 مارچ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي، ته پاڪستان جي ڊجيٽل مستقبل لاءِ فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي هڪ تاريخي قدم آهي جيڪو ڊجيٽل رابطن کي بهتر بڻائيندو ۽ پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت کي مضبوط ڪندو، سروسز اڳ ۾ اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ پنجن کان ڇهن مهينن اندر شروع ڪيون وينديون، نيلامي جي چار کان پنجن مهينن اندر ماڻهن کي فور جي سروس ۾ بهتري نظر ايندي. انهن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن نيڪسٽ جنريشن موبائيل سروسز فائيو جي لاءِ اسپيڪٽرم نيلامي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان ۽ پارليامينٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. شزه فاطمه چيو ته پاڪستان ماضي ۾ ڪيترائي ٽيڪنالاجي انقلاب ڏسي چڪو آهي، پر موجوده ڊجيٽل تبديلي جو مرحلو ملڪ لاءِ خاص طور تي اهم آهي. هن چيو ته مختلف ادارن گڏجي ان نيلامي لاءِ اسپيڪٽرم جي دستيابي يقيني بڻائي. هن چيو ته اها اڳڀرائي پاڪستان لاءِ همٿائيندڙ لمحو آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان ملڪ نيڪسٽ جنريشن ٽيڪنالاجي ڏانهن وڌندو. هن چيو ته پاڪستان 2014ع کان 2016ع وچ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي حڪومت ۾ ٿري جي ۽ فور جي جي دور ۾ قدم رکيو، ان کان پوءِ ڪنهن وڏي اسپيڪٽرم جي نيلامي ناهي ٿي. جنهن سبب انٽرنيٽ جي معيار ۽ صارفين لاءِ مسئلا پيدا ٿيا. هن چيو ته اها نيلامي نه رڳو فائيو جي سروسز متعارف ڪرائيندي پر موجوده فور جي نيٽ ورڪس جي معيار ۽ صلاحيت ۾ بهتري آڻيندي. هن چيو ته تيز، قابل اعتماد ۽ سستو انٽرنيٽ هاڻي شهرين جي بنيادي ضرورت بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته عالمي ٽيليڪام تنظيمن پاڪستان جي نيلامي فريم ورڪ کي ساراهيو آهي. موبائيل ورلڊ ڪانگريس دوران ٿيل ڳالهين ۾ به ڪجهه ملڪن انهن انتظامن جي تعريف ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ٽيليڪام صنعت جي مدد لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا آهن ۽ هاڻي ٽيليڪام آپريٽرز جي زميواري اهي ته هو اسپيڪٽرم نيلامي ۾ فعال طور تي حصو وٺن.











