ٽوڪيو-10 مارچ (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي ٽيم عالمي بيس بال ڪلاسڪ ٽورنامينٽ جي گروپ سي مان ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي وئي جڏهن ته آسٽريلوي ٽيم ايونٽ کان ٻاهر ٿي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جاپان جي گادي واري شهر ٽوڪيو ڊوم ۾ کيڏيل گروپ سي جي پنهنجي چوٿين ۽ آخري ليگ ميچ ۾ ڏکڻ ڪوريا جي ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي مخالف آسٽريليا کي 2 جي مقابلي …
ورلڊ بيس بال ڪلاسڪ ٽورنامينٽ، ڏکڻ ڪوريا آسٽريليا کي هارائي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو

مزید خبریں
ٽوڪيو-10 مارچ (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي ٽيم عالمي بيس بال ڪلاسڪ ٽورنامينٽ جي گروپ سي مان ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي وئي جڏهن ته آسٽريلوي ٽيم ايونٽ کان ٻاهر ٿي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جاپان جي گادي واري شهر ٽوڪيو ڊوم ۾ کيڏيل گروپ سي جي پنهنجي چوٿين ۽ آخري ليگ ميچ ۾ ڏکڻ ڪوريا جي ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي مخالف آسٽريليا کي 2 جي مقابلي ۾ 7 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ان فتح بعد گروپ سي مان جاپان کانپوءِ ڏکڻ ڪوريا جي ٻين ٽيم آهي جيڪا ميگا ايونٽ جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي چڪي آهي جڏهن ته ان شڪست بعد آسٽريليا جو ڪوارٽر فائنل ۾ پهچڻ جو خواب ٽٽي ويو آهي. ٽورنامينٽ جا سيمي فائنل ۽ فائنل مقابلا 15 کان 17 مارچ تائين ميامي ۾ منعقد ٿيندا.











