اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران، وچ اوڀر ۽ نار سميت پوري خطي ۾ جنگي صورتحال جي ڏس ۾ معيشت جي استحڪام لاءِ ڪفايت شعاري، عوامي ريليف، سادگي ۽ توانائي جي بچت جي لاءِ 14 نقاطي فيصلن جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت اشرافيه جي لاءِ مراعتن کي محدود ڪندي سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي ۽ بچت ڪئي ويندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم …
وزيراعظم شهباز شريف پاران ايران، وچ اوڀر ۽ نار سميت پوري خطي ۾ جنگي صورتحال جي ڏس ۾ معيشت جي استحڪام لاءِ ڪفايت شعاري، عوامي ريليف، سادگي ۽ توانائي جي بچت لاءِ 14 نقاطي فيصلن جو اعلان

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران، وچ اوڀر ۽ نار سميت پوري خطي ۾ جنگي صورتحال جي ڏس ۾ معيشت جي استحڪام لاءِ ڪفايت شعاري، عوامي ريليف، سادگي ۽ توانائي جي بچت جي لاءِ 14 نقاطي فيصلن جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت اشرافيه جي لاءِ مراعتن کي محدود ڪندي سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي ۽ بچت ڪئي ويندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي خطاب ڪندي خطي کي درپيش صورتحال تي قوم کي اعتماد ۾ ورتو ۽ حڪومتي فيصلن جو اعلان ڪيو جن ۾ ٻن مهينن جي لاءِ سرڪاري گاڏين جي پيٽرول جي مد ۾ 50 سيڪڙو فوري طور تي ڪٽوتي، سرڪاري گاڏين جي استعمال ۾ 60 سيڪڙو گهٽتائي، ڪابينا ميمبرن، وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونين جون پگهارون روڪڻ، اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو ڪٽوتي، گريڊ 20 کان مٿي جي آفيسرن جن جي پگهار ٽي لک کان وڌيڪ آهي جي ٻن ڏينهن جي پگهار جي ڪٽوتي، سرڪاري ادارن جي خرچن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي، ملڪي مفاد جي لاءِ لازمي سبب کانسواءِ وزيراعظم، گورنرز، وڏن وزيرن، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونين ۽ سرڪاري آفيسرن جي ٻاهرئين ملڪ دورن تي پابندي، سرڪاري تقريبن تي خرچ گهٽ ڪرڻ، 50 سيڪڙو اسٽاف جي ورڪ فرام هوم، سرڪاري آفيسون 5 بدران چار ڏينهن کولڻ، اسڪولن ۾ ٻن هفتن جي موڪل، اعليٰ تعليم جي لاءِ آن لائين ڪلاسز سميت ڪيترائي قدم شامل آهن. وزيراعظم چيو ته اڄ آئون خطي کي درپيش هڪ انتهائي سنجيده ۽ خطري واري صورتحال بابت قوم کي مخاطب آهيان. هن چيو ته بدقسمتي سان پورو خطو، بشمول ايران ۽ وچ اوڀر هن وقت هڪ شديد جنگي صورتحال ۾ ورتل آهن. معصوم انساني جانين جي زيان، بي گهر ٿيندڙ خاندانن جي تڪليف ۽ امن کي خطرا اسان سڀني جي لاءِ گهري ڳڻتي جو سبب آهن. پاڪستان ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي ته معاملا تدبر ۽ سفارتڪاري جي ذريعي حل ٿين. ٻئي طرف اسان کي پنهنجي اولهندي سرحدن تي پڻ دهشتگردي درپيش آهي. افغانستان ۾ موجود دهشتگردن جي سهولتڪارن پاران ٿيندڙ درناندازي ۽ حملن جي جواب ۾ اسان جي بهادر فوج ملڪ جي سلامتي ۽ خودمختياري جي تحفظ ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت يقيني بڻائڻ جو مقدس فرض انتهائي جانفشاني سان ادا ڪري رهي آهي، جنهن تي آئون انهن کي سلام پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته ايران ۾ ٿيندڙ اسرائيلي بي رحماڻي حملن جي نتيجي ۾ آيت الله سيد علي خامنه اي، سندس گهرڀاتين ۽ معصوم ايراني ڀائرن ۽ ڀينرن جي شهادت تي پاڪستان حڪومت ۽ عوام گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. اسان انهن حملن جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. پاڪستان، پنهنجي ڀائر مسلمان ملڪن سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر، ڪويت، بحرين، اردن، لبنان، عمان، ترڪيه ۽ آذربائيجان تي ٿيندڙ حملن جي پڻ شديد مذمت ۽ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪري ٿو. انهن حملن سان پوري خطي جي امن ۽ استحڪام کي سنگين خطرا آهن. وزيراعظم چيو ته انهن مشڪل حالتن ۾ منهنجي انهن ڀائر ملڪن جي سربراهن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ مون پوري قوم پاران انهن ملڪن جي عوام ۽ قيادت کي اهو پيغام ڏنو آهي ته پاڪستان هن آزمائش جي گهڙيءَ ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي ۽ اها ڳالهه ياد رهي ته اسان انهن ڀائر مسلمان ملڪن جي سلامتي ۽ استحڪام کي پنهنجي سلامتي ۽ استحڪام جو حصو سمجهون ٿا. وزيراعظم چيو ته اڄ جي دنيا ۾ هڪ ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ بحران، ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ٻين ملڪن ۾ پکڙجي وڃي ٿو. عالمي منڊي ۾ خام تيل جي قيمت جيڪا ڪجهه ڏينهن اڳ اٽڪل 60 ڊالر في بيرل هئي، اها اوچتو وڌي 100 ڊالر کان به وڌي وئي آهي. جنهن سان عام ماڻهو جي زندگي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اسان جي معيشت، صنعتن، ٽرانسپورٽيشن ۽ روزاني جي زندگي جو گهڻو دارومدار نار مان ايندڙ تيل ۽ گئس جي فراهمي تي آهي. ان حقيقت کي سامهون رکندي حڪومت معيشت جي استحڪام جي لاءِ انتهائي اهم ۽ مشڪل فيصلا ڪيا. اهڙا انتظامي ۽ معاشي فيصلا، جيڪي هرگز آسان نه هئا. اسان مالياتي نظم ۽ ضبط کي بهتر بڻايو ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارا متعارف ڪرايا ته جيئن ملڪ کي درپيش توانائي بحران کي گهٽ ڪري سگهجي تنهن هوندي به اسان کي اها حقيقت به تسليم ڪرڻي پوندي ته عالمي منڊيءَ ۾ تيل ۽ گئس جي قيمتن جو تعين پاڪستان جي اختيار ۾ نه آهي. جڏهن دنيا ۾ ڇڪتاڻ وڌي ٿي يا خطي ۾ جنگ جنم وٺي ٿي ته ان جا اثر سڌوسنئون توانائي جي قيمتن تي پون ٿا. اهڙي طرح جون مشڪل حالتون اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سطح تي پيدا ٿي چڪيون آهن. جنهن جا اثر اسان تي به پئجي رهيا آهن. پر آئون قوم کي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته توهان جي حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ته مشڪل ترين عالمي حالتن جي باوجود پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم رکيو وڃي. وزيراعظم چيو ته حڪومت کي تازي ڏينهن ۾ تيل جي قيمتن ۾ جيڪو اضافو ڪرڻو پيو، اهو بنا ڪنهن شڪ جي هڪ انتهائي مشڪل ۽ دل تي پٿر رکي ڪرڻ وارو فيصلو هو. جنهن جي منظوري ڏيندي منهنجي دل ۽ دماغ هڪ ڪشمڪش مان گذريا. دماغ چيو پئي، قيمت وڌائڻ کانسواءِ ڪو رستو نه آهي ۽ دل چيو پئي ڪٿي غريب نه پيڙهجي وڃي. مون کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ موجوده اضافي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ اضافو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي. ان شديد مشڪل ۾ اسان ڪوشش ڪري وچولو رستو ڪڍيو ته جيئن عوام جي مٿان وڌيڪ بار نه پوي. قوم گواهه آهي ته گذريل سالن ۾ پاڪستان کي ڪيتري قدر مشڪل معاشي حالتن کي منهن ڏيڻو پيو. هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ جا خطرا درپيش هئا. انهن مشڪل حالتن ۾ اسان سياسي فائدي کي پٺتي رکي رياست ۽ معيشت جي مفاد کي ترجيح ڏني. الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان توهان مشڪل فيصلن ۾ اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ صبر ۽ حوصلي جو مظاهرو ڪيو. اهڙي طرح مهانگائي جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي، پاليسي ريٽ اٽڪل اڌ ٿي چڪو آهي، رپئي جي قدر مستحڪم آهي ۽ بجلي جي قيمتن ۾ به وڏي محنت سان گهٽتائي آندي وئي آهي. اها ڪاميابي ڪنهن واحد شخص جي نه پر پوري قوم جي دعائن ۽ گڏيل جدوجهد جو ثمر آهي. وزيراعظم چيو ته انهي احساسِ ذميواري تحت آئون اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر يقين ڏياريان ٿو ته اسان هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته عوام تي بار گهٽ کان گهٽ وڌو وڃي، مون کي عام ماڻهو جي تڪليف جو ۽ عام ماڻهو جي درد جو پورو احساس آهي. آئون ان حقيقت کان چڱي طرح آگاهه آهيان ته جڏهن گهر جي بزرگن جي دوا جي لاءِ پئسا گهٽ ٿي وڃن، يا ٻارن جي تعليم ۽ فيس جي فڪر دل تي بار بڻجي وڃي، ته هڪ پيءُ، هڪ ماءُ ۽ هڪ پٽ جي دل تي ڇا گذري ٿي. هي اهو ڪَرب آهي جيڪو لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي. وزيراعظم ان خدشي جو اظهار ڪيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي، پر حڪومت جي ڀرپور ڪوشش هوندي ته تيل جي قيمتن ۾ اڳتي اضافي جو بار عام ماڻهو تي نه پوي، ان مقصد جي لاءِ ڏينهن رات مشاورت ۽ ڪوششون جاري آهن ۽ الله تعاليٰ چاهيو ته آئون توهان کي مايوس نه ڪندس. وزيراعظم پاڪستان جي اشرافيه ۽ سرنديءَ واري طبقي کي خصوصي طور تي مخاطب ٿيندي چيو ته جڏهن به قومن تي سخت وقت اچي ٿو ته هن قوم جي سرنديءَ وارن ماڻهن، جن جي دلين ۾ خدا جو خوف هوندو آهي، سڀ کان پهرين اڳتي وڌي ڏکويل انسانيت جو هٿ پڪڙين ٿا ۽ اسان جي تاريخ ان ڳالهه جي به گواهه آهي ته اسان جا غريب، پورهيت، مزدور ۽ اهي سمورا ماڻهو جيڪي ڏينهن رات پگهر وهائي حلال رزق ڪمائين ٿا، انهن سدائين ملڪ جي لاءِ اڳتي وڌي قربانيون ڏنيون آهن پر هاڻي وقت اچي ويو اهي ته اشرافيه اڳتي وڌي ۽ اها ڪردار ادا ڪري جيڪو هڪ ذميوار معاشري جي سرندي واري طبقي کي دل ۾ خدا جو خوف رکندي ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن فٽ پاٿ تي سُتل مزدور به اشرافيه جو ضمير نه ٿو جاڳائي سگهي ته پوءِ اسان کي پنهنجي گريبان ۾ جهاتيءَ پائڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته انهي ڏس ۾ اڄ اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران بچت، عوامي ريليف، ڪفايت شعاري ۽ حڪومتي معاملن ۾ سادگي اختيار ڪرڻ جي لاءِ متفقه طور تي اهم فيصلا ڪيا ويا، جنهن تحت ايندڙ ٻن مهينن جي لاءِ سرڪاري ادارن جي گاڏين کي ملندڙ تيل ۾ 50 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي. ان ۾ ايبولينسز ۽ عوامي استعمال واريون بسون وغيره شامل نه آهن. ايندڙ ٻن مهينن جي لاءِ سمورن سرڪاري ادارن جي 60 سيڪڙو گاڏين کي بند ڪيو پيو وڃي. ايندڙ ٻن مهينن جي لاءِ ڪابينا جا ميمبر، وزير، صلاحڪار ۽ خاص معاونين پگهارون نه وٺندا، انهن جي پگهارن جي رقم کي عوامي ريليف جي لاءِ خرچ ڪيو ويندو. ان کانسواءِ پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن مان به 25 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي ويندي. 20 گريڊ ۽ ان کان مٿي جي اهڙن آفيسرن جن جي پگهار ٽي لک کان وڌيڪ آهي، انهن جي ٻن ڏينهن جي پگهار جي ڪٽوتي ڪري عوامي ريليف جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي. وزيراعظم اعلان ڪيو ته سمورن سرڪاري ادارن جي پگهارن کناوسآءِ ڪئي ويندڙ خرچن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي پئي وڃي. سرڪاري ادارن ۾ گاڏين، فرنيچر، اي سي ۽ ٻين شين جي خريداري تي مڪمل پابندي هنئي وئي آهي. وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص معاونين ۽ سرڪاري آفيسرن جي ٻاهرئين ملڪ دورن تي پڻ مڪمل پابندي هنئي وئي آهي، سواءِ انهن دورن جي جيڪي ملڪي مفاد جي لاءِ لازمي آهن. هن چيو ته ٽيلي ڪانفرنسنگ ۽ آن لائين ميٽنگز کي ترجيح ڏني ويندي ته جيئن ٻارڻ جي وڌ کان وڌ بچت ممڪن ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته سرڪاري آجياڻين ۽ افطار پارٽيز تي پڻ مڪمل پابندي هنئي وئي آهي. خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ سيمينار ۽ ڪانفرنسز هوٽلن بدران سرڪاري جاين تي منعقد ڪيون وينديون جنهن جي منظوري هڪ خصوصي ڪميٽي ڏيندي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ٻارن ۽ توانائي جي بچت جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبن جي حوالي سان پڻ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن جنهن تحت سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ انتهائي ضروري سروسز کي ڇڏي باقي سمورين جاين تي 50 سيڪڙو اسٽاف ورڪ فرام هوم ڪندو جڏهن ته رڳو 50 سيڪڙو ئي آفيس ايندو. هفتي ۾ رڳو چار ڏينهن آفيسون کلنديون، تيل جي بچت جي لاءِ هفتي ۾ هڪ اضافي موڪل ڏني پئي وڃي. ان جو لاڳو بئنڪن تي نه هوندو. صنعت ۽ زراعت جي شعبن تي ورڪ فرام هوم ۽ هفتي جي هڪ اضافي موڪل وارن فيصلن جو لاڳو نه هوندو. فوري طور تي سمورن اسڪولن کي هلندڙ هفتي جي آخر کان ٻن هفتن جون موڪلون ڏنيون پيون وڃن ۽ هايئر ايجوڪيشن جي سمورن ادارن ۾ فوري طور تي آن لائين ڪلاسز جي شروعات ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم قوم خاص طور تي سرندي وارن ماڻهن ۽ ڪاروباري طبقي کي اپيل ڪئي ته اهي ان قومي ڪوششن ۾ پنهنجو ڀرپور حصو وجهن. هن مفاد پرست عنصرن، ذخيره اندوزن ۽ پيٽرول ۽ ڊيزل جي ناجائز منافعي خورن کي خبردار ڪيو ته ان صورتحال مان فائدو کڻڻ جي هرگز ڪوشش نه ڪن. نه ته قانون سخت حرڪت ۾ ايندو. ان سلسلي ۾ سمورين صوبائي حڪومتن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. وزيراعظم چيو ته اسان جي اولين ترجيح پاڪستان جي خوشحالي، استحڪام، ترقي ۽ تحفظ آهي. هن قوم بيشمار آزمائشن کي منهن ڏنو آهي، پر هر ڀيري الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم، گڏيل اتحاد ۽ پاڪ فوج جي بهادري ۽ قربانين جي ڪري سرخرو ٿي آهي. اڄ عالمي منظرنامي کي نوان چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته طاقت جو توازن بدلجي رهيو آهي ۽ نوان اتحاد ٺهي رهيا آهن. ان نازڪ ترين وقت ۾ پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر اتحاد، ڀائيچاري ۽ احساس ذميواري جي جيتري ضرورت اڄ آهي شايد اڳ ۾ ڪڏهن به نه هئي. وزيراعظم ياد ڏياريو ته رمضان المبارڪ جو هي مبارڪ مهينو اسان کي صبر، ڀائيچاري ۽ گڏيل ذميواري جو درس ڏي ٿو ۽ ياد ڏياري ٿو ته هڪ مضبوط ۽ باوقار قوم اها هوندي آهي جيڪا مشڪل وقت ۾ تدبر، حڪمت ۽ گڏيل تعاون سان اڳتي وڌي ٿي. مقصد بلند ۽ نيت نيڪ هجي ته الله تعاليٰ جي مدد ضرور شامل ٿي وڃي ٿي. هن شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي ان شعر سان تقرير جي پڄاڻي ڪئي ته ”آج بهي هو جو ابراهيم ڪا ايمان پيدا آگ کر سکتي هي انداز گلستان پيدا.“











