اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ علائقائي صورتحال جي ڏس ۾ ملڪي معيشت بابت جائزه اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ علائقائي صورتحال جي ڏس ۾ ملڪي معيشت جي استحڪام جي لاءِ ڪفايت شعاري، سادگي، توانائي جي بچت جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ علائقائي صورتحال جي ڏس ۾ ملڪي معيشت بابت جائزه اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ علائقائي صورتحال جي ڏس ۾ ملڪي معيشت بابت جائزه اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ علائقائي صورتحال جي ڏس ۾ ملڪي معيشت جي استحڪام جي لاءِ ڪفايت شعاري، سادگي، توانائي جي بچت جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، پيٽروليم ڊويزن واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي سياسي معاملن ۽ بين الصوبائي رابطن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺور، گلگت بلتستان جي وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ يار محمد ناصر، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي صلاحڪار مزمل اسلم، لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ توانائي جي بچت جي حوالي سان جامع حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي.











