اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم جي ڪميٽي جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ جلد خراب ٿي ويندڙ خوراڪ جي شين جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ملڪ ۾ انهن جي بنا رڪاوٽ فراهمي سان گڏوگڏ وڌيڪ پيداوار جي وقت سر برآمد کي يقيني بڻائڻ جي قدمن تي غور ڪيو ويو. نائب وزيراعظم آفيس پاران …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار وزيراعظم جي ڪميٽي جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي، جلد خراب ٿي ويندڙ خوراڪ جي شين جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم جي ڪميٽي جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ جلد خراب ٿي ويندڙ خوراڪ جي شين جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ملڪ ۾ انهن جي بنا رڪاوٽ فراهمي سان گڏوگڏ وڌيڪ پيداوار جي وقت سر برآمد کي يقيني بڻائڻ جي قدمن تي غور ڪيو ويو. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب خطي ۾ واپار جي بدلجندڙ رجحانن ۽ ڪجهه روايتي رستن ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي ڏس ۾، ڪميٽي برآمدات جي لاءِ متبادل رستن، سامونڊي گذرگاهن ۽ نئين امڪاني منڊين جي ڳولا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس ۾ برآمد ڪندڙن پاران پيش ڪيل تجويزن تي پڻ غور ڪيو ويو ۽ اسٽوريج (ذخيره اندوزي)، لاجسٽڪس ۽ عالمي منڊين تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. ان سان گڏوگڏ عالمي سطح تي طلب ۽ قيمتن جي رجحانن جو پڻ جائزو ورتو ويو ته جيئن بهتر فيصلاسازي جي ذريعي پاڪستان جي برآمدي مسابقت کي مضبوط بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير، واپار واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، وزيراعظم جي واپار واري ڪوآرڊينيٽر ۽ سمورين لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.











