اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته اڳواٽ منصوبا بندي ۽ مختلف وزارتن وچ ۾ ويجهي رابطي جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ توانائيءَ جي رسد جي صورتحال مستحڪم ۽ اثرائتي انداز ۾ منظم آهي، حڪومت مارڪيٽ جي استحڪام کي برقرار رکڻ، قومي توانائي سلامتي جي تحفظ ۽ بدلجندڙ عالمي صورتحال ۾ سپلاءِ چين کي بنا رڪاوٽ جاري رکڻ لاءِ مڪمل طور …
حڪومت قومي توانائي سلامتي جي تحفظ ۽ بدلجندڙ عالمي صورتحال ۾ سپلاءِ چين کي بنا رڪاوٽ جاري رکڻ لاءِ مڪمل طور تي پُرعزم آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته اڳواٽ منصوبا بندي ۽ مختلف وزارتن وچ ۾ ويجهي رابطي جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ توانائيءَ جي رسد جي صورتحال مستحڪم ۽ اثرائتي انداز ۾ منظم آهي، حڪومت مارڪيٽ جي استحڪام کي برقرار رکڻ، قومي توانائي سلامتي جي تحفظ ۽ بدلجندڙ عالمي صورتحال ۾ سپلاءِ چين کي بنا رڪاوٽ جاري رکڻ لاءِ مڪمل طور تي پُرعزم آهي. اهڙو اظهار هن خطي ۾ اُڀرندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي پيٽرول جي قيمتن جي نگرانيءَ لاءِ وزيراعظم طرفان قائم ڪيل ڪميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ڪميٽي توانائيءَ جي شعبي ۾ ٿيل اڳڀرائيءَ جو روزانو جي بنياد تي جائزو وٺڻ جو سلسلو سومر ڏينهن به جاري رکيو ۽ بدلجندڙ علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي قومي سطح تي تيارين جو به جائزو ورتو. اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي توانائي جي بدلجندڙ صورتحال تي تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ سڄي ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي ذخدرن جي پوزيشن جو جامع جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڪچي تيل ۽ ريفائن ٿيل پيٽروليم مصنوعات جي موجوده قومي ذخيرن، جاري درآمدي انتظامن ۽ سپلاءِ چين جي لاجسٽڪس تي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ هن وقت رستي ۾ موجود جهاز ۽ قومي ذخيرن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ ترتيب ڏنل اضافي کيپن جا تفصيل به شامل هئا. ڪميٽيءَ ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته پيٽروليم مصنوعات جا ذخيرا تسلي بخش سطح تي آهن ۽ سپلاءِ چين اثرائتي انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته ايندڙ هفتن ۾ فراهميءَ جي تسلسل کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪجهه کيپن ۽ درآمدي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. ڪميٽيءَ جي ميمبرن کي عالمي سطح تي ڪچي تيل ۽ ريفائن ٿيل پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تازن رجحانن کان به آگاهه ڪيو ويو جن ۾ خطي ۾ جاگرافيائي ۽ سياسي اڳڀرائيءَ سبب گذريل ڏينهن ۾ نمايان لاهن چاڙهن جي صورتحال شامل هئي. ڪميٽيءَ عالمي مارڪيٽ جي انگن اکرن جن ۾ بينچ مارڪ ڪچي تيل جي قيمتن جي چُرپر ۽ ريفائن ٿيل مصنوعات جي قيمتن جي رجحانن جو جائزو ورتو ۽ عالمي توانائي مارڪيٽ جي امڪاني منظرنامن جو به تجزيو ڪيو. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته حڪومت عالمي سطح تي قيمتن ۾ ٿيل تبديلين تي گهري نظر رکي آهي ۽ ملڪي توانائي سلامتي ۽ معاشي استحڪام جي تحفظ لاءِ مسلسل رٿابندي ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ ڪچي تيل جي آمدني واپار، ريفائنري آپريشنز ۽ سامونڊي چُرپر بابت لاجسٽڪ ۽ـ آپريشنل انتظامن جو به جائزو ورتو ويو جن ۾ عالمي سپلائرز سان رابطي ۽ شپنگ جا انتظام شامل آهن. لاڳاپيل عملدارن ڪميٽيءَ کي ٻُڌايو ته ڪارگو جي چُرپر ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ ريفائنريز ۽ سپلاءِ انفراسٽرڪچر جي بنا رڪاوٽ فعاليت کي يقيني بنائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڪميٽيءَ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ريفائنريز جي پيداواري صلاحيت کي بهترين سطح تي برقرار رکيو وڃي ۽ لاڳاپيل ڌُرين وچ ۾ مؤثر هم آهنگي قائم رکي وڃي ته جيئن قومي سطح تي ٻارڻ جي دستيابي برقرار رهي. سپلاءِ بابت قدمن سان گڏوگڏ ڪميٽيءَ کي توانائيءَ جي تحفظ ۽ طلب جي انتظام لاءِ ڪيتريون ئي تجويزون به پيش ڪيون ويون جن جو مقصد عالمي سطح تي عدم استحڪام ۾ ٻارڻ جي آمدني واپار تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ آهي. ڪميٽي صوبائي حڪومتن سان رابطي ڪاري جي نظام جو به جائزو ورتو ته پيٽروليم مصنوعات جي دستيابيءَ جي اثرائتي نگرانيءَ کي يقيني بنائي سگهجي ۽ فراهميءَ ۾ ڪنهن به امڪاني دير کان بچي سگهجي. صوبن ڪميٽيءَ کي پيٽرول پمپن تي جاري قدمن ۽ معائنن بابت بريفنگ ڏني، جڏهن ته وفاقي عملدارن شرڪت ڪندڙن کي هڪ مربوط مانيٽرينگ ڊيش بورڊ جي تياريءَ بابت آگاهه ڪيو جنهن ذريعي سڄي ملڪ ۾ ذخيرن جي سطح ۽ ريٽيل سپلاءِ جي صورتحال جي حقيقي وقت ۾ نگراني کي وڌيڪ بهتر بنايو ويندو. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح آهي سڄي ملڪ ۾ پيٽروليم منصوعات جي بنا رڪاوٽ فراهميءَ کي يقيني بنائڻ آهي. هن چيو ته ڪميٽيءَ عالمي توانائي مارڪيٽن ۾ ٿيل اڳڀرائي، ملڪي ذخيرن جي صورتحال ۽ سپلاءِ چين جو روزانو جي بنياد تي ويجهو جائزو وٺندي رهندي ته جيئن وقت سر ۽ مربوط پاليسي قدم يقيني بڻائي سگهجن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت مارڪيٽ جي استحڪام کي برقرار رکڻ، قومي توانائي سلامتي جي تحفظ ۽ ان بدلجندڙ عالمي صورتحال ۾ سپلاءِ چين کي بنا رڪاوٽ جاري رکڻ لاءِ مڪمل طور تي پُرعزم آهي. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، وفاقي وزيرن رانا تنوير حسين، ڄام ڪمال خان، محمد جنيد انوار چوڌري ۽ ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني سميت لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنز ۽ ريگيوليٽري ادارن جي وفاقي سيڪريٽرين ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.











