وفاقي وزير خالد حسين مگسيءَ جي ايراني سفارتخاني آمد

اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي جي سربراهيءَ ۾ هڪ وفد ايراني سفارتخاني جو دؤرو ڪيو. وفد ۾ سينيٽر منظور ڪاڪڙ، سينيٽر دنيش ڪمار ۽ سينيٽر عبدالقار به شامل هئا. وزارت جي جاري پڌرائيءَ مطابق وفاقي وزير جي سربراهيءَ ۾ وفد پنهنجي دؤري دوران آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت تي گهري ڏُک ۽ غم جو اظهار ڪيو. هن …

اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي جي سربراهيءَ ۾ هڪ وفد ايراني سفارتخاني جو دؤرو ڪيو. وفد ۾ سينيٽر منظور ڪاڪڙ، سينيٽر دنيش ڪمار ۽ سينيٽر عبدالقار به شامل هئا. وزارت جي جاري پڌرائيءَ مطابق وفاقي وزير جي سربراهيءَ ۾ وفد پنهنجي دؤري دوران آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت تي گهري ڏُک ۽ غم جو اظهار ڪيو. هن ايران ۾ معصوم شهرين ۽ اسڪول جي ٻارن تي حملن جي سخت مذمت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته خطي ۾ پائيدار امن لاءِ سنجيده ۽ گڏيل عالمي ڪوششون اڻٽر آهن. هن چيو ته خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ عالمي سطح تي ذميوار قدمن جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ايران جي سفير چيو ته ايران جو وسيع حڪومتي ۽ فوجي نظام رياستي استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ مددگار آهي. هن چيو ته انهن حملن ايراني قوم کي پهريان کان وڌيڪ متحد ڪري ڇڏيو آهي.

مزید خبریں