موسميات کاتي پاران ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ 12 مارچ تائين برسات جي اڳڪٿي

اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) موسميات کاتي سڄي ملڪ جي مٿاهين وارن علائقن ۾ 12 مارچ تائين برسات، طوفان ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. سومر ڏينهن موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي ته هڪ اولهه لهر سومر جي شام ملڪ جي اولهه وارن حصن تائين پهچڻ جو امڪان آهي جيڪا 12 مارچ تائين برقرار رهندي. ان موسمي نظام جي اثر هيٺ چترال، دير، سوات، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير …

اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) موسميات کاتي سڄي ملڪ جي مٿاهين وارن علائقن ۾ 12 مارچ تائين برسات، طوفان ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. سومر ڏينهن موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي ته هڪ اولهه لهر سومر جي شام ملڪ جي اولهه وارن حصن تائين پهچڻ جو امڪان آهي جيڪا 12 مارچ تائين برقرار رهندي. ان موسمي نظام جي اثر هيٺ چترال، دير، سوات، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي ضلعن ۾ 12 مارچ تائين جزوي طور تي جهڙالي موسم سان گڏ هلڪي برسات، طوفان ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته اسلام آباد، پوٺوهار ريجن، مري، گليات ۽ ڀرپاسي ۾ 11 مارچ تائين وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي. اڳڪٿي دوران اسلام آباد ۽ ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ ڪجهه جاين تي برفباريءَ جو به امڪان آهي. ان دوران ڏينهن جي وقت گرمي پد ۾ 3 کان 4 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گهٽتائيءَ جي اميد آهي. ان دوران مٿاهين ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي حساس علائقن ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪِري سگهن ٿيون. موسميات کاتي مطابق ايران جي تازي صورتحال جي ڪري هوائون گدلاڻ ڦهلائي سگهن ٿيون ۽ ملڪ جي اولهه حصن ۾ هوا جو معيار خراب ڪري سگهن ٿيون.

مزید خبریں