ڊيره اسماعيل خان -09 مارچ (اي پي پي) ڊيره اسماعيل خان جي تعلقي درابن جي مين بازار، پراڻي يو بي ايل بئنڪ ويجهو اڻڄاتل دهشتگردن جي فائرنگ سبب ايف سي اهلڪار سميت 2 ڄڻا شهيد ٿي ويا. تفصيل موجب درابن ٿاڻي جي حد مين بازار درابن پراڻي يو بي ايل بئنڪ ويجهو اڻڄاتل دهشتگردن ايف سي قلعه تي مقرر ايف سي اهلڪار تنوير احمد رهواسي مانسهره تي فائرنگ ڪئي جنهن …
ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردن جي فائرنگ، ايف سي اهلڪار سميت 2 شهيد

مزید خبریں
ڊيره اسماعيل خان -09 مارچ (اي پي پي) ڊيره اسماعيل خان جي تعلقي درابن جي مين بازار، پراڻي يو بي ايل بئنڪ ويجهو اڻڄاتل دهشتگردن جي فائرنگ سبب ايف سي اهلڪار سميت 2 ڄڻا شهيد ٿي ويا. تفصيل موجب درابن ٿاڻي جي حد مين بازار درابن پراڻي يو بي ايل بئنڪ ويجهو اڻڄاتل دهشتگردن ايف سي قلعه تي مقرر ايف سي اهلڪار تنوير احمد رهواسي مانسهره تي فائرنگ ڪئي جنهن سبب هو ٿڏي تي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته هڪ واٽهڙو رهواسي موسيٰ زئي زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو به زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويو. واقعي بعد پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز موقعي تي پهچي علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.











