ڪيليفورنيا-09 مارچ (اي پي پي) اٽلي جو مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جو سيڪنڊ سيڊڊ جينڪ سنر ۽ جرمني جو ٽينس رانديگر اليگزينڊرزويروف پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سبب اي ٽي پي انڊين ويلز اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي پري ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪا جي رياست ڪيلفورنيا جي انڊين ويلز ٽينس گارڊن ۾ جاري اي ٽي پي ايونٽ ۾ سخت مقابلا جاري آهن. …
اي ٽي پي انڊين ويلز اوپن ٽينس مينز سنگلز، سيڪنڊ سيڊڊ جينڪ سنر ۽ اليگزينڊر زويروف ٽاپ 16 رائونڊ ۾ داخل
ڪيليفورنيا-09 مارچ (اي پي پي) اٽلي جو مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جو سيڪنڊ سيڊڊ جينڪ سنر ۽ جرمني جو ٽينس رانديگر اليگزينڊرزويروف پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سبب اي ٽي پي انڊين ويلز اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي پري ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪا جي رياست ڪيلفورنيا جي انڊين ويلز ٽينس گارڊن ۾ جاري اي ٽي پي ايونٽ ۾ سخت مقابلا جاري آهن. جينڪ سنر مردن جي سنگلز مقابلن جي ٽئين رائونڊ ۾ ڪينيڊين مخالف ڊينس شاپوو الوف کي شڪست ڏني جڏهن ته جرمني جي اليگزينڊر زويروف ميزبان مخالف برينڊن ناڪشيما کي سخت مقابلي بعد هارائي ٽاپ 16 رائونڊ تائين پهچ حاصل ڪئي. گذريل ڏينهن کيڏيل مردن جي سنگلز مقابلن جي ٽئين رائونڊ ۾ 24 سالن جي اٽلي جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ جينڪ سنر انتهائي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ڪينيڊين مخالف ڊينس شاپووالوف کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 6-3 ۽ 6-2 تان شڪست ڏئي ايونٽ جي ٽاپ رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. جرمني جي اليگزينڊر زويروف ميزبان مخالف برينڊن ناڪشيما کي سخت مقابلي بعد 7-6 (7-2)، 5-7 ۽ 6-4 تان هارائي ٽئين رڪاوٽ پار ڪري ورتي.












