اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ۾ حصو وٺندڙ قومي هاڪي ٽيم جي رانديگرن جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيندي ٽيم جي هر رانديگر لاءِ 15 لک رپيا انعام جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم جي ميڊيا آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، هي قدم نه رڳو ٽيم جي محنت ۽ راند لاءِ لگن جو اعتراف آهي پر پاڪستان ۾ هاڪي جي فروغ …
وزيراعظم پاران ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ۾ حصو وٺندڙ قومي هاڪي ٽيم جي رانديگرن لاءِ انعام جو اعلان
اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ۾ حصو وٺندڙ قومي هاڪي ٽيم جي رانديگرن جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيندي ٽيم جي هر رانديگر لاءِ 15 لک رپيا انعام جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم جي ميڊيا آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، هي قدم نه رڳو ٽيم جي محنت ۽ راند لاءِ لگن جو اعتراف آهي پر پاڪستان ۾ هاڪي جي فروغ لاءِ هڪ وڏو قدم پڻ آهي.ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ۾ قومي هاڪي ٽيم جي شرڪت هاڪي جي مداحن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو آهي ۽ هي انعام سندن ثابت قدمي جو چٽو ثبوت آهي.












