پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ون ڊي سيريز لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڍاڪا پهچي وئي

لاهور -08 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 3 ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڍاڪا پهچي وئي آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جون سموريون ميچون شير بنگلا ڪرڪيٽ اسٽيديم ڍاڪا ۾ کيڏيون وينديون. پاڪستاني ٽيم ڍاڪا پهچڻ بعد اڄ آرام ڪندي جڏهن ته رانديگر ايندڙ ميچز جي تياري لاءِ جلد ٽريننگ جي شروعات ڪندا. سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ 11 …

لاهور -08 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 3 ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڍاڪا پهچي وئي آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جون سموريون ميچون شير بنگلا ڪرڪيٽ اسٽيديم ڍاڪا ۾ کيڏيون وينديون. پاڪستاني ٽيم ڍاڪا پهچڻ بعد اڄ آرام ڪندي جڏهن ته رانديگر ايندڙ ميچز جي تياري لاءِ جلد ٽريننگ جي شروعات ڪندا. سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ 11 مارچ تي کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي  ۽ ٽين ميچ ترتيبوار 13 ۽ 15 مارچ تي  ساڳئي هنڌ کيڏيون وينديون.

مزید خبریں