پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريقا جو دورو مڪمل ڪري وطن واپس پهچي وئي

لاهور -08 مارچ (اي پي پي) پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريقا جو دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ واپس وطن پهچي وئي آهي. ٽيم جون رانديگرياڻيون ۽ آفيشل ٻن مختلف گروپن جي صورت ۾  پاڪستان پهتا. پاڪستان وومين ٽيم ڏکڻ آفريقا جي دوري دوران وائيٽ بال سيريز کيڏي جنهن ۾ محدود اوورز جا مقابلا شامل هئا. سيريز ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ مليا. اها وائيٽ بال …

لاهور -08 مارچ (اي پي پي) پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريقا جو دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ واپس وطن پهچي وئي آهي. ٽيم جون رانديگرياڻيون ۽ آفيشل ٻن مختلف گروپن جي صورت ۾  پاڪستان پهتا. پاڪستان وومين ٽيم ڏکڻ آفريقا جي دوري دوران وائيٽ بال سيريز کيڏي جنهن ۾ محدود اوورز جا مقابلا شامل هئا. سيريز ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ مليا. اها وائيٽ بال سيريز 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي ميچن تي ٻڌل هئي. جنهن ذريعي ٻنهي ٽيمن کي عالمي سطح تي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جو موقعو مليو.

مزید خبریں