دبئي-06 مارچ (اي پي پي) دبئي ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل حسين محمد قونصل خانه جي آفيسرن سان گڏ دبئي ۽ اتر امارات ۾ ترسيل پاڪستاني برادري سان هڪ آن لائن ملاقات ڪئي. ان ملاقات جو مقصد خطي جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي سهولت لاءِ پاڪستان حڪومت طرفان کنيل قدمن کان آگاهه ڪرڻ هو. گذريل ڏينهن قونصليٽ جنرل آف پاڪستان مان جاري پريس رليز …
دبئي ۾ پاڪستاني قونصل جنرل پاران قونصل خانه جي آفيسرن سان گڏ دبئي ۽ اتر امارات ۾ ترسيل پاڪستاني برادري سان آن لائن ملاقات

مزید خبریں
دبئي-06 مارچ (اي پي پي) دبئي ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل حسين محمد قونصل خانه جي آفيسرن سان گڏ دبئي ۽ اتر امارات ۾ ترسيل پاڪستاني برادري سان هڪ آن لائن ملاقات ڪئي. ان ملاقات جو مقصد خطي جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي سهولت لاءِ پاڪستان حڪومت طرفان کنيل قدمن کان آگاهه ڪرڻ هو. گذريل ڏينهن قونصليٽ جنرل آف پاڪستان مان جاري پريس رليز موجب ملاقات دوران قونصل جنرل شرڪت ڪندڙن کي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايتن تي پاڪستان جي سفارتخاني ابوظهبي ۽ قونصل خانه جنرل پاڪستان دبئي طرفان کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن ڪميونٽي جي ميمبرن کي ٻڌايو ته پاڪستاني ڪميونٽي ۽ ٽرانزٽ ۾ موجود پاڪستانين جي مدد لاءِ هڪ خصوصي سهولت ڊيسڪ قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 24 ڪلاڪ فعال هيلپ لائنز به شامل آهن. حسين محمد موجوده صورتحال ۾ رهواسين ۽ سياحن جي حفاظت ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏيل عرب امارات جي عملدارن جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو خاص ڪري ٽرانزٽ مسافرن ۽ سياحن کي فراهم ڪيل سهولتن تي ٿورو مڃيو. قونصل جنرل پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن تي زور ڀريو ته افواهن ۽ قياس آرائين کان پاسو ڪن ۽ صرف گڏيل عرب امارات جي سرڪاري عملدارن طرفان جاري ڪيل معلومات تي ئي اعتماد ڪن. هن سوشل ميڊيا جي ذميواراڻي استعمال جي اهميت تي به زور ڀريو ۽ ڪميونٽي کي درخواست ڪئي ته هو ميزبان ملڪ جي قانونن ۽ هدايتن جي سختي سان پابندي ڪن.











