اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ترڪيه جي توانائي ۽ قدرتي وسيلن واري وزير الپرسلان بيرڪتار سان آن لائن ملاقات ڪئي جنهن ۾ توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ خاص ڪري بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين جي نجڪاري بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير اويس احمد لغاري …
توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي ترڪيه جي توانائي ۽ قدرتي وسيلن واري وزير سان آن لائن ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ترڪيه جي توانائي ۽ قدرتي وسيلن واري وزير الپرسلان بيرڪتار سان آن لائن ملاقات ڪئي جنهن ۾ توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ خاص ڪري بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين جي نجڪاري بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير اويس احمد لغاري ترڪيه جي هم منصب کي پاڪستان جي پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن ۽ اداره جاتي بهتري جي قدمن کان آگاهه ڪيو. ان کانسواءِ ٻڌايو ته پاڪستان ڊسڪوز جي نجڪاري ۾ تجربيڪار عالمي سيڙپڪارن جي شموليت جو خواهشمند آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان حڪومت بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين جي نجڪاري جي عمل کي شفاف، چٽاڀيٽي وارو ۽ موثر انداز ۾ اڳتي وڌائي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ تجربيڪار عالمي سيڙپڪارن جي شرڪت کي انتهائي اهميت حاصل آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڊسڪوز جي نجڪاري جي عمل ۾ تجربيڪار عالمي سيڙپڪارن جي شموليت جو خواهشمند آهي ۽ ان ڏس ۾ توانائي جي شعبي ۾ وسيع تجربو رکندڙ ترڪ ڪمپنين جي شرڪت نهايت اهم ثابت ٿي سگهي ٿي. هن نجڪاري جي عمل ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل ادارن ۽ ماهرن وچ ۾ ويجهي تعاون کي ساراهيندي ان سلسلي ۾ ترڪ حڪومت جي تعاون تي ٿورو مڃيو. ان موقعي تي ترڪيه جي توانائي واري وزير چيو ته ترڪ سيڙپڪار پاڪستان جي پاور سيڪٽر جي نجڪاري جي عمل کي گهري دلچسپي سان ڏسي رهيا آهيون. هن اميد ظاهر ڪئي ته ترڪيه جا سيڙپڪار پاڪستان جي پاور سيڪٽر جي نجڪاري ۾ مناسب سطح تي شرڪت ڪندا. هن ان عزم جو اظهار پڻ ڪيو ته ترڪيه پاڪستان جي پاور سيڪٽر جي نجڪاري جي عمل ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو. ملاقات دوران ان ڳالهه تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته پاڪستان جي لاڳاپيل نمائندن ۽ ترڪ سيڙپڪارن کي هڪ گڏيل فورم تي گڏ ڪيو ويندو ته جيئن سيڙپڪاري جي موقعن ۽ امڪاني حصيداري کي موثر انداز ۾ اڳتي وڌائي سگهجي.











