اي سي سي بجليءَ جي شعبي ۾ جامع سڌارن جي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪيترن ئي وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ فني ضمني گرانٽس جي به منظوري

اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) توانائيءَ واري وزارت طرفان بجليءَ جي پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي، ادائگين بابت ذميدارين کي مُنهن ڏيڻ ۽ گردشي قرضن سبب پيدا ٿيل دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ جامع جامع سڌارا جاتي پيڪيج جي منظوري ڏني. اي سي سي ڪيترن ئي وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ فني ضمني گرانٽس جي پڻ منظوري ڏني. اي سي سي جو اجلاس …

اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) توانائيءَ واري وزارت طرفان بجليءَ جي پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي، ادائگين بابت ذميدارين کي مُنهن ڏيڻ ۽ گردشي قرضن سبب پيدا ٿيل دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ جامع جامع سڌارا جاتي پيڪيج جي منظوري ڏني. اي سي سي ڪيترن ئي وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ فني ضمني گرانٽس جي پڻ منظوري ڏني. اي سي سي جو اجلاس ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ پيٽروليم ڊويزن طرفان انٽرنيشنل انرجي فورم لاءِ پاڪستان جي سالياني حصيداري جي ادائگيءَ لاءِ 13.1 ملين رپين جي ضمني گرانٽس بابت سمري جي منظوري ڏني وئي. ڪميٽيءَ کي ٻُڌايو ويو ته انٽرنيشنل انرجي فورم جي ميمبرشپ برقرار رکڻ عالمي توانائي جي عالمي ڳالهين ۽ تعاون ۾ پاڪستان جي شرڪت لاءِ مسلسل اهم آهي. اجلاس ۾ پيٽرولم ڊويزن طرفان گيس پيدا ڪندڙ فيلڊز جي 5 ڪلوميٽرز جي دائري ۾ موجود ڳوٺن ۾ گيس فراهمي جي اسڪيمن لاءِ 3 ارب رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. هي اسڪيمون سوئي سدرن ۽ سوئي ناردرن ذريعي مڪمل ڪيون وينديون. اي سي سي تعليم ۽ پيشيوراڻي واري وزارت طرفان بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽيز اسڪولن جي استادن کي بقايائن جي ادائگيءَ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ جاري مالي سال دوران 200 ملين رپين جي فني ضمني گرانٽ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. هي مالي ذميداري عدالت جي هدايتن جي روشني ۾ آهي جنهن تحت آگسٽ 2017ع کان جون 2021ع جي عرصي لاءِ نوٽيفائيڊ گهٽ ۾ گهٽ اجرت موجب پگهارن جي فرق جي ادائگي ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت طرفان پيش ڪيل هڪ ٻي سمري جو پڻ جائزو ورتو ويو جنهن ۾ ري اسٽرڪچرڊ هائر ايجوڪيشن ڊولپمينٽ ان پاڪستان منصوبي تحت هائر ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ رکيل 4 ملين ڊالر تي ري لينڊنگ جي شرط کان ڇوٽ طلب ڪيو ويو هو. اي سي سي کي ٻُڌايو ويو ته عالمي بئنڪ ان فنڊز کي انويسٽمينٽ پراجيڪٽ فنانسنگ/ٽيڪنيڪل اسسٽنس جزوي ڏانهن منتقل ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جو حصو پهرئين کان آجو قرار ڏنل، 77 ملين آمريڪي ڊالرن کان وڌي ويو آهي. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي طرفان سانوڻي ريسپانس 2025ع آپريشنز ۽ پرڏيهه ۾ انساني همدردي جي امداد دوران ڪيل خرچن جي واپسيءَ لاءِ 3.63 ارب رپين جي فني ضمني گرانٽ بابت سمري جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ پاور ڊويزن طرفان جاري مالي سال دوران سسٽين ايبل ڊولپمينٽ گولز اچيومينٽ پروگرام جي سڪيمن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ 1.3 ارب رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري به ڏني وئي. اجلاس ۾ توانائي واري وزارت طرفان بجلي جي پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي، ماضيءَ جي ادائگين بابت ذميدارين کي مُنهن ڏيڻ ۽ پاور سيڪٽر ۾ گردشي قرضن سبب پيدا ٿيل دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ جامع سڌارا جاتي پيڪيج جي تجويز جو جائزو ورتو ويو. ڪميٽيءَ کي آگاهه ڪيو ويو ته تجويز ڪيل قدم ڪيترن ئي پاور پروڊيوسرز سان ڳالهين جو نتيجو آهن ۽ ان جو مقصد ٽيرف جي ڍانچي کي مناسب بڻائڻ ۽ ادائگين جي انتظامن کي مؤثر بڻائڻ سميت گڏيل طور تي طئي ٿيل تصفين ذريعي بقايا مالي ذميدارين کي حل ڪرڻ آهي. اي سي سي سڌارا جاتي پيڪيج ۽ ان سان لاڳاپيل مالي قدمن جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ چيو ته ان قدمن سان پاور سيڪٽر جي پائيداريءَ ۾ بهتري، صارفين تي ٽيرف جي دٻاءُ ۾ گهٽتائي ۽ شعبي ۾ وسيع تر سڌارن جي حمايت متوقع آهي. اجلاس ۾ سڌ سماءَ واري وزارت طرفان عوامي معلومات آگاهي مهمن بابت بقايائن جي ادائگيءَ لاءِ 2.231 ارب رپين جي فني ضمني گرانٽ بابت سمريءَ تي ڪميٽي 1.47 ارب رپين تائين جي گرانٽ جي منظوري ڏني ۽ وزارت کي باقي گرانٽ ضرورت موجب ايندڙ ٽه ماهيءَ ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، ڄام ڪمال خان، احسن اقبال، قيصر احمد شيخ، وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر، لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن ۽ ريگيوليٽري ادارن جي وفاقي سيڪريٽريز سميت سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں