اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) بئنڪن جي ڊپازٽس ۽ سيڙپڪاري ۾ جنوري دوران ساليانو بنيادن تي اضافو جڏهن ته مختصر مدي جي قرضن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. ڪيلينڊر سال جي پهرين مهيني ۾ ڊپازٽس جي ڀيٽ ۾ مختصر مدي جي قرضن جي شرح ۾ ماهوار بنيادن تي 0.8 سيڪڙو ۽ ساليانو بنيادن تي 8.5 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب جنوري …
بئنڪن جي ڊپازٽس ۽ سيڙپڪاري ۾ جنوري دوران سالياني بنيادن تي اضافو، مختصر مدي جي قرضن ۾ گهٽتائي، ڊپازٽس جي ڀيٽ ۾ مختصر مدي جي قرضن جي شرح ۾ ماهوار بنيادن تي 0.8 سيڪڙو، سالياني بنيادن تي 8.5 سيڪڙو جي گهٽتائي

مزید خبریں
اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) بئنڪن جي ڊپازٽس ۽ سيڙپڪاري ۾ جنوري دوران ساليانو بنيادن تي اضافو جڏهن ته مختصر مدي جي قرضن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. ڪيلينڊر سال جي پهرين مهيني ۾ ڊپازٽس جي ڀيٽ ۾ مختصر مدي جي قرضن جي شرح ۾ ماهوار بنيادن تي 0.8 سيڪڙو ۽ ساليانو بنيادن تي 8.5 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب جنوري جي پڄاڻي تي بئنڪن جي ڊپازٽس جو ڳاڻيٽو 36632 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جنوري جي 31003 ارب روپين جي ڀيٽ ۾ 18.2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ڊسمبر جي ڀيٽ ۾ جنوري ۾ بئنڪن جي ڊپازٽس ۾ ماهوار بنيادن تي 2.1 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي، ڊسمبر ۾ بئنڪن جي ڊپازٽس جو ڳاڻيٽو 37431 ارب روپيا هو جيڪو جنوري ۾ گهٽجي 36632 ارب روپيا ٿي ويو. اسٽيٽ بئنڪ موجب جنوري جي پڄاڻي تي بئنڪن جي سيڙپڪاري (اسٽاڪ) جو ڳاڻيٽو 38839 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جنوري جي 30023 ارب روپين جي ڀيٽ ۾ 29.4 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب جنوري 2026ع جي پڄاڻي تي بئنڪن جي مختصر مدي جي قرضن جو ڳاڻيٽو 14291 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جنوري جي 14728 ارب روپين جي ڀيٽ ۾ 3 سيڪڙو گهٽ آهي، ڊسمبر جي ڀيٽ ۾ جنوري ۾ بئنڪن جي مختصر مدي جي قرضن ۾ ماهوار بنيادن تي 4 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي، ڊسمبر ۾ بئنڪن جي مختصر مدي جي قرضن جو ڳاڻيٽو 14880 ارب روپيا هو جيڪو جنوري ۾ گهٽجي 14291 ارب روپيا ٿي ويو. اسٽيٽ بئنڪ موجب ڊپازٽس جي ڀيٽ ۾ مختصر مدي واري قرضن جي شرح ۾ جنوري دوران ماهوار بنيادن تي 0.8 سيڪڙو ۽ سالياني بنيادن تي 8.5 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي. جنوري ۾ ڊپازٽس جي ڀيٽ ۾ مختصر مدي جي قرضن جي شرح 39 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا ڊسمبر ۾ 39.8 سيڪڙو ۽ گذريل سال جنوري ۾ 47.5 سيڪڙو هئي.











