اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب گذريل ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ 01 پئسي جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 279 روپيا 40 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ …
پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب گذريل ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ 01 پئسي جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 279 روپيا 40 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو قدر 74 روپيا 42 پئسا جڏهن ته بحرين جي دينار جو قدر 740 روپيا 13 پئسا رهيو. اهڙي طرح عماني ريال جو انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ قدر 725 روپيا 71 پئسا رهيو، ڪويتي دينار جو قدر 912 روپيا 48 پئسا ۽ قطري ريال جو قدر 76 روپيا 60 پئسا رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي خريد واري قيمت 279 روپيا ۽ وڪري واري قيمت 280 روپيا 45 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي.











