ڪيليفورنيا-06 مارچ (اي پي پي) بلغاريا جي مشهور ٽينس اسٽار گريگور ديمتروف اي ٽي پي انڊين ويلز اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي مردن جي سنگلز مقابلن جي ڪامياب شروعات ڪندي ٻئين رائونڊ ۾ داخل ٿي ويو آهي. اي ايس پي اين موجب 34 سالن جي بلغاريه جي ٽينس اسٽار گريگور ديمتروف مينز سگلز جي پهرين رائونڊ ۾ فرانس جي مخالف رانديگر ٽيرنس اتماني کي هارائي ٻي رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. آمريڪي …
بلغاريا جي ٽينس اسٽار پاران اي ٽي پي انڊين ويلز اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي مردن جي سنگلز مقابلن ۾ ڪامياب شروعات
ڪيليفورنيا-06 مارچ (اي پي پي) بلغاريا جي مشهور ٽينس اسٽار گريگور ديمتروف اي ٽي پي انڊين ويلز اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي مردن جي سنگلز مقابلن جي ڪامياب شروعات ڪندي ٻئين رائونڊ ۾ داخل ٿي ويو آهي. اي ايس پي اين موجب 34 سالن جي بلغاريه جي ٽينس اسٽار گريگور ديمتروف مينز سگلز جي پهرين رائونڊ ۾ فرانس جي مخالف رانديگر ٽيرنس اتماني کي هارائي ٻي رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي انڊين ويلز ٽينس گارڊن ۾ جاري اي ٽي پي ايونٽ ۾ دلچسپ مقابلا جاري آهن. گذريل ڏينهن کيڏيل مردن جي سنگلز مقابلن جي شروعاتي رائونڊ ۾ 34 سالن جي بلغارين جي ٽينس اسٽار گريگور دمتروف بهترين راند پيش ڪندي فرانس جي مخالف رانديگر ٽيرنس اتماني کي 4-6، 5-7 ۽ 4-6 تان هارائي نه رڳو ايونٽ جي ڪامياب شروعات ڪئي پر ٻئي رائونڊ لاءِ به ڪواليفائي ڪيو.












