نيويارڪ-04 مارچ(اي پي پي) فٽ بال جي عالمي تنظيم فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ع جي شروع ٿيڻ کان 100 ڏينهن اڳ ٽورنامينٽ جو آفيشل پوسٽر جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ميزبان ملڪن ڪينيڊا، ميڪسيڪو ۽ آمريڪا جي ثقافت ۽ تخليقي ڪارنامن کي نمايان ڪيو ويو آهي. اهو پوسٽر فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ع جي پوسٽر ڪليڪشن جو آخري ۽ سڀ کان اهم حصو آهي جيڪو گذريل سال جاري ڪيل …
فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي شروع ٿيڻ ۾ باقي 100 ڏينهن بچيا، ايونٽ جي آفيشل پوسٽر جي مهورت

مزید خبریں
نيويارڪ-04 مارچ(اي پي پي) فٽ بال جي عالمي تنظيم فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ع جي شروع ٿيڻ کان 100 ڏينهن اڳ ٽورنامينٽ جو آفيشل پوسٽر جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ميزبان ملڪن ڪينيڊا، ميڪسيڪو ۽ آمريڪا جي ثقافت ۽ تخليقي ڪارنامن کي نمايان ڪيو ويو آهي. اهو پوسٽر فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ع جي پوسٽر ڪليڪشن جو آخري ۽ سڀ کان اهم حصو آهي جيڪو گذريل سال جاري ڪيل 16 ميزبان شهرن جي پوسٽرز جي پڄاڻي ڪري ٿو. ان جي تياري ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽن مختلف ملڪن جي فنڪارن گڏجي ڪري ڪم ڪيو آهي. پوسٽر جي ڊزائين فٽ بال جي دنيا کي متحد ڪرڻ جي طاقت ۽ ٽنهي ملڪن جي گڏيل سهڪار جي عڪاسي ڪري ٿي. فيفا جي صدر ان موقعي تي چيو ته اڄ کان ٺيڪ 100 ڏينهن کانپوءِ فيفا سموري دنيا جو اتر آمريڪا ۾ استقبال ڪندو . اهو آفيشل پوسٽر ان توانائي ۽ خيالن جي رنگ کي ظاهر ڪري ٿو جيڪو ان ٽورنامينٽ کي تاريخ جو سڀني سان گڏيل ايڊيشن بڻائيندو. ٽورنامينٽ جي شروعات 11 جون تي ميڪسيڪو اسٽيڊيم کان ٿيندي جڏهن ته فائنل 19 جولاءِ تي نيويارڪ نيوجرسي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. هن ڀيري ريڪارڊ 104 ميچون منعقد ٿينديون. هيستائين 42 ٽيمون ٽورنامينٽ لاءِ ڪواليفائي ڪري چڪيون آهن. انهن ۾ اردن، ازبڪستان پهريون ڀيرو شرڪت ڪنديون. باقي 6 ٽيمن جو فيصلو هلندڙ مهيني 23 کان 31 مارچ تي پلي آف ميچز ذريعي ٿي ويندو.











