حيدرآباد-03 مارچ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽي جو اهم اجلاس نيو ڊي سي ڪامپليڪس حيدرآباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ 13 اپريل کان 19 اپريل 2026ع تائين جاري رهندڙ پوليو کان بچاءُ واري مهم جي تيارين، مائيڪرو پلان ۽ بين الادارا جاتي رابطا ڪاري جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو صبا ڪلوڙ، ڊي ايڇ او …
ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽي جو اهم اجلاس منعقد

مزید خبریں
حيدرآباد-03 مارچ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽي جو اهم اجلاس نيو ڊي سي ڪامپليڪس حيدرآباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ 13 اپريل کان 19 اپريل 2026ع تائين جاري رهندڙ پوليو کان بچاءُ واري مهم جي تيارين، مائيڪرو پلان ۽ بين الادارا جاتي رابطا ڪاري جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو صبا ڪلوڙ، ڊي ايڇ او حيدرآباد ڊاڪٽر پير غلام حسين ۽ سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينشن جي اسٽاف آفيسر ڊاڪٽر لبنيٰ مهم جي انتظامن، اسٽاف ٽريننگ ۽ حڪمت بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊي سي ضلعي حيدرآباد جي 163 يونين ڪونسلن ۾ مهم جا حدف حاصل ڪرڻ لاءِ 30 مارچ تائين مائيڪرو پلان مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته حيدرآباد ۾ 2 ماحولياتي سيمپلز منفي رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته تلسي داس اسٽيشن جي سيمپل جو نتيجو پيڊنگ ۾ آهي. بريفنگ ۾ ڄاڻايو ويو ته سيپٽمبر 2025ع کان هن وقت تائين 366 انڪاري ڪيسن ۽ 6543 غيرموجود ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، گذريل 6 مهمن جي ڀيٽ ۾ انڪاري ۽ غير دستياب ڪيسز ۾ گهتتائي آئي آهي، جڏهن ته توسيع شده ڪيچ اپ مهم تحت انهن ڪيسن تي ڪم جاري آهي. ڊي ايڇ او پوليو کان بچاءُ واري مهم کان هڪ هفتو اڳ آگاهي مهم ۽ ويليڊيشن جو عمل شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته سرحدي علائقن، مدرسن جي شاگردن ۽ سمورن پنجن سالن تائين جي ڄمار وارن ٻارڙن کي ڪور ڪيو وڃي، جڏهن ته غذائي کوٽ جو شڪار ٻارن جي رپورٽنگ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ چيو ته پوليو اسٽاف بهتر طريقي سان پنهنجا فرض ادا ڪري رهيو آهي ۽ گذريل مهم وانگر هن ڀيري به ڀرپور حڪمت عملي تحت مهم کي سئو سيڪڙو ڪامياب بڻايو وڃي ته جيئن ڪو به پنجن سالن تائين جي ڄمار وارو ٻارڙو پوليوکان بچاءُ وارا ڦڙا پيئڻ کان محروم نه رهي.











