پورٽو ريڪو اوپن گالف ٽورنامينٽ 5 مارچ کان شروع ٿيندو

پورٽوريڪو _ 3 مارچ (اي پي پي ) پروفيشنل گالفرز ايسوسي ايشن آف آمريڪا ( پي جي اي ) جي اهتمام هيٺ پورٽو ريڪو اوپن گالف ٽورنامينٽ 5 مارچ کان پورٽوريڪو ۾ شروع ٿيندو. اسپورٽس ويب سائيٽ مطابق ٽورنامينٽ ڪامياب منعقد ڪرڻ لاءِ تياريون عروج تي آهن. اهو ٽورنامينٽ پي جي اي ٽور جو مشهور گولف ايونٽ آهي جيڪو پهريون ڀيرو 2008 ع ۾ کيڏيو ويو هو. ٽورنامينٽ 72 هولز …

پورٽوريڪو _ 3 مارچ (اي پي پي ) پروفيشنل گالفرز ايسوسي ايشن آف آمريڪا ( پي جي اي ) جي اهتمام هيٺ پورٽو ريڪو اوپن گالف ٽورنامينٽ 5 مارچ کان پورٽوريڪو ۾ شروع ٿيندو. اسپورٽس ويب سائيٽ مطابق ٽورنامينٽ ڪامياب منعقد ڪرڻ لاءِ تياريون عروج تي آهن. اهو ٽورنامينٽ پي جي اي ٽور جو مشهور گولف ايونٽ آهي جيڪو پهريون ڀيرو 2008 ع ۾ کيڏيو ويو هو. ٽورنامينٽ 72 هولز تي کيڏيو ويندو. ٽورنامينٽ ۾ گالف جي دنيا جا مشهور رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا. پي جي اي ايونٽ ۾ آسٽريليا سان لاڳاپو رکندڙ گالفر پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندو. ٽورنامينٽ لاءِ 40 لک ڊالرن جي انعامي رقم مقرر ڪئي وئي آهي. 5 مارچ کان شروع ٿيندڙ اهو ٽورنامينٽ 4 ڏينهن تائين جاري رهڻ بعد 8 مارچ تي پڄاڻي تي پهچندو.

مزید خبریں