لاڙڪاڻو-02 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻو ۾ ايس ايس پي احمد چوڌري جي هدايتن تي پوليس جو سڄي ضلعي ۾ سرچ اينڊ ڪومبنگ آپريشن جاري آهي جنهن ۾ مختلف هنڌن تان 58 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار ٿيلن وٽان هٿيار، چوري ٿيل موٽر سائيڪلون، نقدي، چوپايو مال، قيمتي موبائل فون ۽ ٻيون شيون هٿ ڪيون ويون. ڪنگا پوليس لطيفان شر قتل ڪيس ۾ ملوث ٻن ڏوهارين زاهد شر …
لاڙڪاڻو پوليس جون ڏوهارين خلاف ڪارروائيون، 58 جوابدار گرفتار

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-02 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻو ۾ ايس ايس پي احمد چوڌري جي هدايتن تي پوليس جو سڄي ضلعي ۾ سرچ اينڊ ڪومبنگ آپريشن جاري آهي جنهن ۾ مختلف هنڌن تان 58 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار ٿيلن وٽان هٿيار، چوري ٿيل موٽر سائيڪلون، نقدي، چوپايو مال، قيمتي موبائل فون ۽ ٻيون شيون هٿ ڪيون ويون. ڪنگا پوليس لطيفان شر قتل ڪيس ۾ ملوث ٻن ڏوهارين زاهد شر ۽ سليم رضا شر کي قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيارن ۽ گولين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ڏوڪري پوليس سلطان زهراڻي قتل ڪيس ۾ ملوث ٻن ڏوهارين منظور زهراڻي ۽ غلام عمر جوڻيجو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ٻئي پاسي ڏوڪري پوليس ٻن ڏوهارين سجاد ڏيرو ۽ احسان جوڻيجو کي شراب سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. مارڪيٽ پوليس باغ جناح واري علائقي مان ڏوهاري جميل کهوڙو کي بنا لائسنس ريوالور ۽ گولين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، مارڪيٽ پوليس سرها پڌڙ ۽ المڪه شاپنگ مال وارن علائقن مان گهٽين ۽ محلن ۾ چوري ڪندڙ 19 ڏوهارين حق نواز، ڪامران، اظهر ۽ ٻين کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتا آهن. وليد پوليس چوري ڪيس ۾ ملوث چئن جوابدارن نويد، ذيشان، تنوير ۽ علي حيدر کي چوري ٿيل سامان سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، ٻئي پاسي وليد پوليس اناج منڊي واري علائقي مان گهٽين ۽ محلن ۾ چوري ڪندڙ 08 جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. حيدري پوليس جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي پنج جواري گرفتار ڪري نقدي ۽ تاش جا پتا هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو. ٻئي پاسي حيدري پوليس لهڙ ڪالوني واري علائقي مان گهٽين ۽ محلن ۾ چوري ڪندڙ 13 ملزمان زوهيب، فياض ۽ ٻين کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. رحمت پور پوليس بازيگر پل واري علائقي مان ٻن جوابدارن الله رکيو ۽ عبدالرحمان کي شراب سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. الله آباد پوليس چوري ٿيل مال، نقدي ۽ 06 عدد قيمتي موبائل فون هٿ ڪري اصل مالڪن اعجاز علي ۽ محرم علي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. نئون ديرو پوليس موٽر سائيڪل ڦُر جي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ڦُرجي ويل موٽر سائيڪل هٿ ڪري اصل مالڪ امام بخش سولنگي جي حوالي ڪري ڇڏي آهي.











