ايران تي آمريڪي حملي کان پوءِ واري صورتحال ۾ ورلڊ ڪپ منعقد ڪرڻ لاءِ فيفا صورتحال جي نگراني شروع ڪري ڇڏي

زيورخ/ واشنگٽن -02 مارچ (اي پي پي) فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا اعلان ڪيو آهي، ته هن ايندڙ عالمي ڪپ جي سلسلي ۾ يپدا ٿيل عالمي صورتحال تي مسلسل نظر رکي آهي ۽ سمورين شريڪ ٽيمن جي سلامتي کي پهرين ترجيح ڏني پئي وڃي، صورتحال جي نگراني شروع ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها اڳڀرائي ڇنڇر ڏينهن صبح جو ايران جي وڏن شهرن تي آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ميزائيل …

زيورخ/ واشنگٽن -02 مارچ (اي پي پي) فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا اعلان ڪيو آهي، ته هن ايندڙ عالمي ڪپ جي سلسلي ۾ يپدا ٿيل عالمي صورتحال تي مسلسل نظر رکي آهي ۽ سمورين شريڪ ٽيمن جي سلامتي کي پهرين ترجيح ڏني پئي وڃي، صورتحال جي نگراني شروع ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها اڳڀرائي ڇنڇر ڏينهن صبح جو ايران جي وڏن شهرن تي آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ميزائيل حملن ۽ جواب ۾ ايران پاران جوابي ڪارروائي بعد سامهون آئي آهي. ايران پڻ انهن ٽيمن ۾ شامل آهي، جيڪي  گرمين جي موسم ۾ آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو ۾ ٿيندڙ ورلڊڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪي آهي.  ويلز ۾ ٿيل انٽرنيشنل فٽبال ايسوسيئيشن بورڊ جي اجلاس دوران فيفا جي جنرل سيڪريٽري ميٿياس گرافسٽروم  چيو آهي، ته اڃا ان معاملي تي قطئي تبصرو ڪرڻ وقت کان اڳ هوندو، پر فيفا هڪ محفوظ ٽورنامينٽ منعقد ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

مزید خبریں