وڏي وزير پاران دي ڪڊني سينٽر لاءِ صوبائي سهتائتا ۾ نمايان واڌ جو اعلان

ڪراچي-27 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دي ڪڊني سينٽر لاءِ صوبائي سهائتا ۾ نمايان واڌ جو اعلان ڪندي نئين ڪارڊيڪ ڪيٿيٽرائيزيشن (ڪيٿ) ليب قائم ڪرڻ لاءِ فنڊنگ جو واعدو ڪيو ۽ جعلي خبرن جي پکيڙ خلاف سخت تنبيه جاري ڪئي. هن قومي سلامتي، پوليسنگ جي معاملن ۽ سياسي تڪرارن تي پڻ ويچار ونڊيا. وڏي وزير دي ڪڊني سينٽر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ حڪومت …

ڪراچي-27 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دي ڪڊني سينٽر لاءِ صوبائي سهائتا ۾ نمايان واڌ جو اعلان ڪندي نئين ڪارڊيڪ ڪيٿيٽرائيزيشن (ڪيٿ) ليب قائم ڪرڻ لاءِ فنڊنگ جو واعدو ڪيو ۽ جعلي خبرن جي پکيڙ خلاف سخت تنبيه جاري ڪئي. هن قومي سلامتي، پوليسنگ جي معاملن ۽ سياسي تڪرارن تي پڻ ويچار ونڊيا. وڏي وزير دي ڪڊني سينٽر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ حڪومت جي سهڪار سان قائم ڪيل نئين انٽينسو ڪيئر يونٽ (آءِ سي يو) جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، صحت کاتي جا اعليٰ عملدار ۽ اسپتال جي انتظاميا شرڪت ڪئي جنهن ۾ چيئرپرسن فرينڊز آف دي ڪڊني سينٽر ماريانا ڪريم، بورڊ چيئرمين عدنان آفريدي، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر راشد جوما، ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر سعيد چشتي، ڊين ڊاڪٽر عاصم احمد ۽ هيڊ آف سرجري ڊاڪٽر سلمان ال خالد شامل هئا.تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت معتبر غير منافع بخش ادارن سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪم ڪرڻ تي فخر محسوس ڪري ٿي. هن چيو ته بنيادي ذميواري حڪومت جي آهي پر جڏهن مخلص ۽ اهل ساٿي موجود هجن ته نتيجا گهڻا بهتر نڪرندا آهن. مراد علي شاهه اعلان ڪيو ته ايندڙ سال کان دي ڪڊني سينٽر لاءِ سالياني گرانٽ 30 ڪروڙ رپين مان وڌائي 50 ڪروڙ رپيا ڪئي ويندي. هن اسپتال ۾ ڪيٿ ليب قائم ڪرڻ لاءِ به فنڊنگ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته هو ذاتي طور واپس اچي ان جو افتتاح ڪندو. هن ياد ڏياريو ته دي ڪڊني سينٽر کي ماضي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جو سهڪار پڻ حاصل رهيو آهي جيڪو اداري جي قومي اهميت ۽ ساک جو ثبوت آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت صحت جي شعبي کي 100 ارب رپين کان وڌيڪ گرانٽس ڏئي رهي آهي ۽ مقصد هر شهري کي بهترين هر ممڪن طبي سهولتون مهيا ڪرڻ آهي. وڏي وزير دي ڪڊني سينٽر جي 41 سالن کان جاري بي رڪاوٽ خدمتن کي ساراهيو ۽ ان سان لاڳاپيل فلاحِي جذبي جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته اسڪولن جي ٻارن به هن اداري لاءِ چندو گڏ ڪيو. ماريانا ڪريم کي 4 ڏهاڪن تي ٻڌل مسلسل فنڊ ريزنگ خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. سلامتي جي صورتحال ۽ سرحدي ڇڪتاڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير علائقائي سلامتي بابت چيو ته افغانستان مان رات ۾ حملي جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪا مؤثر نموني ناڪام بڻائي وئي. هن چيو ته اهو ردعمل هر ان لاءِ واضح پيغام آهي جيڪو پاڪستان جي اوڀر يا اولهه سرحدن ڏانهن خراب نظر سان ڏسندو. هن وڌيڪ چيو ته قوم ماضي ۾ به جارحيت جي مقابلي ۾ اتحاد جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ پوري قوم دشمن خلاف متحد آهي.مراد علي شاهه چيو ته لڳ ڀڳ هڪ هفتي کان ڇڪتاڻ جاري هئي ۽ انٽيليجنس رپورٽن ۾ امڪاني دهشتگرد خطرن جي نشاندهي ڪئي وئي هئي جنهن سبب احتياطي قدم کنيا ويا. هن چيو ته افغان شهرين بابت قدم قومي سلامتي جي گهرجن موجب جاري رهندا.عمرڪوٽ ۾ تازو پوليس ڪارروائي بابت وڏي وزير چيو ته آپريشن عدالتي حڪمن تحت ڪيو ويو پر پوليس جي طرزِ عمل تي سخت تنقيد ڪئي. هن چيو ته جنهن نموني ڪارروائي ڪئي وئي اها ڪنهن به صورت ۾ قبول جوڳي ناهي. هن ٻڌايو ته هن معاملي بابت صوبائي گھرو وزير ۽ تعليم کان ذاتي طور تفصيل طلب ڪيا آهن. وڏي وزير خاطري ڪرائي ته ملوث اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن به قسم جي زيادتي، خاص طور عورتن سان لاڳاپيل معاملن ۾ هرگز برداشت نه ڪندي. سياسي مؤقف ۽ متحده قومي موومينٽ تي ردعمل تي وڏي وزير چيو ته سياسي اڳڀرائي تي ردعمل ڏيندي مراد شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم جيڪو چاهي ڪري پر اجلاس ۾ ڪيل بيان قبول جوڳو نه آهي. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي واضح ۽ مضبوط مؤقف اختيار ڪيو آهي جيڪو صدر ۽ وزيراعظم تائين پهچايو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن پاڻ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته اهڙا ريمارڪس سنڌ جي عوام لاءِ قبولڻ جوڳا نه آهن. وڏي وزير صدر آصف علي زرداري خلاف لڳايل الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته ڪوڙا بيان ڄاڻي واڻي ڦهلايا پيا وڃن. مراد علي شاهه ڪجهه صحافين ۽ ٽي وي چينلن تي غير تصديق ٿيل ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات پکيڙڻ جو الزام لڳايو. هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن صحافي به اڳڪٿين جي پويان هليا ويندا آهن ۽ پوءِ ٽي وي چينل ساڳيو بيان ورجائڻ شروع ڪندا آهن. هن ميڊيا ادارن تي زور ڀريو ته خاص طور رمضان المبارڪ ۾ ذميواري جو مظاهرو ڪن. هن چيو ته گهٽ ۾ گهٽ مين اسٽريم چينلن کان اميد آهي ته اهي جعلي خبرن کي هوا نه ڏين. هن اسلام آباد سان تعلق رکندڙ هڪ اينڪر جي رپورٽ کي مڪمل طور غلط قرار ڏنو. وڏي وزير واضح ڪيو ته گورنر جي تبديلي بابت ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي. هن چيو ته گورنر هائوس ۾ ٿيل ڳالهين بابت پنهنجا خدشا وزيراعظم تائين پهچائي ڇڏيا آهن. هن چيو ته گورنر هڪ قابل احترام عهدو آهي پر آئينِي عهدن سان مقرر ذميواريون واڳيل هونديون آهن ۽ اميد آهي ته گورنر آئين مطابق پنهنجا فرض انجام ڏيندا. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ ڪيترن ئي وڏن ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي. هن ڪراچي پريس ڪلب آڏو پگهارن جي ادائيگي لاءِ احتجاج ڪندڙن جي مسئلي جي حل جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته لاڳاپيل عملدارن کي سندن خدشن جي ازالي لاءِ موڪليو ويندو. آخر ۾ وڏي وزير صحت جي ادارن کي مضبوط بڻائڻ، عوامي ڀلائي، قومي سلامتي جي تحفظ ۽ ذميوار صحافت کي ھٿي وٺرائڻ جي عزم کي ورجايو.