وطن جي دفاع تي ڪا سوديبازي نه ٿيندي، سڄي قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي: سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر

ڪراچي-27 فيبروري (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه آپريشن غضب الحق تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪ - افغان سرحد تي آپريشن غضب الحق پاڪستان جو دفاعي حق آهي.هن چيو ته وطن جي دفاع تي ڪا سوديبازي نه ٿيندي، سموري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺي آهي.اسپيڪر پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته دشمن جي هر اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب …

ڪراچي-27 فيبروري (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه آپريشن غضب الحق تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪ – افغان سرحد تي آپريشن غضب الحق پاڪستان جو دفاعي حق آهي.هن چيو ته وطن جي دفاع تي ڪا سوديبازي نه ٿيندي، سموري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺي آهي.اسپيڪر پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته دشمن جي هر اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، پاڪستان متحد ۽ مضبوط آهي.هن چيو ته پاڪستان وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي سان دشمن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا آهن. پياري وطن جي هڪ هڪ انچ جو دفاع اسان جو قومي ۽ آئيني فرض آهي.اسپيڪر سنڌ اسيمبلي چيو ته سنڌ اسيمبلي قومي سلامتي جي معاملي تي وفاق ۽ سيڪيورٽي ادارن سان مڪمل ايڪي جو اظهار ڪري ٿي. هن چيو ته سرحدن جا محافظ اسان جا هيروز آهن، سموري قوم کين سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون، قوم پنهنجي بهادر سپوتن جي قرضدار آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت دشمن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو.