ايم پي اي جميل احمد سومرو پاران پنهنجي رهائشگاھ تي آيل مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان الڳ الڳ ملاقاتون

لاڙڪاڻو-25 فيبروري (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ايم پي اي جميل احمد سومرو پنهنجي رهائشگاھ تي آيل مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون، جنهن دوران شهرين کيس پنهنجا مسئلا ٻڌايا، جڏهن ته هن لاڳاپيل اختيارين کي فوري طور تي شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي ايم پي …

لاڙڪاڻو-25 فيبروري (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ايم پي اي جميل احمد سومرو پنهنجي رهائشگاھ تي آيل مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون، جنهن دوران شهرين کيس پنهنجا مسئلا ٻڌايا، جڏهن ته هن لاڳاپيل اختيارين کي فوري طور تي شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي ايم پي اي جميل احمد سومرو چيو ته تڪ جي عوام لاءِ منهنجي رهائشگاھ جا دروازه هميشه کليل آهن، جيڪي ڪنهن به وقت اچي پنهنجو جائز مسئلو ٻڌائي سگهن ٿا ته جيئن اسان سندن مسئلو هنگامي بنيادن تي حل ڪرائي سگهون.