حيدرآباد-27 فيبروري (اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، پرو وائيس چانسلر، رجسٽرار ۽ مھراڻ يونيورسٽي جي تدريسي ۽ انتظامي شعبن جي سربراهن پاران سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظھار ڪيو آهي. جاري پڌرائي مطابق سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي جي لاڏاڻي تي مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحٰه حسين علي، پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيل ڪمار، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر نصرالله پيرزادو ۽ …
مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، پرو وائيس چانسلر، رجسٽرار، تدريسي ۽ انتظامي شعبن جي سربراهن پاران سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظھار

مزید خبریں
حيدرآباد-27 فيبروري (اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، پرو وائيس چانسلر، رجسٽرار ۽ مھراڻ يونيورسٽي جي تدريسي ۽ انتظامي شعبن جي سربراهن پاران سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظھار ڪيو آهي. جاري پڌرائي مطابق سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي جي لاڏاڻي تي مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحٰه حسين علي، پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيل ڪمار، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر نصرالله پيرزادو ۽ مھراڻ يونيورسٽي جي تدريسي ۽ انتظامي شعبن جي سربراهن گهري ڏک جو اظھار ڪيو. هنن چيو ته مرحوم مظھرالحق صديقي مھراڻ يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ ۽ سليڪشن بورڊ جو وڏي عرصي تائين ميمبر رھيو. سندس تجربي ۽ مثالي صلاحيتن مان مھراڻ يونيورسٽي پاليسي سازي ۽ فيصلا سازي ۾ خدمتون حاصل ڪندي رھي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحٰه حسين علي مطابق سنڌ ۾ اعليٰ تعليم جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ صديقي صاحب جون بھترين خدمتون رھيون جنهن کي سنڌ مثبت حوالي سان ياد رکندي.











