وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران رمضان المبارڪ دوران عام واهپي وارين شين جي اگهن جو جائزو وٺڻ ۽ سرڪاري ريٽ لسٽن تي سختي سان عمل ڪرائڻ لاءِ ڪراچي جي اهم واپاري علائقن جو تفصيلي دورو

ڪراچي-26 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ رمضان المبارڪ دوران عام واهپي وارين شين جي اگهن جو جائزو وٺڻ ۽ سرڪاري ريٽ لسٽن تي سختي سان عمل ڪرائڻ لاءِ ڪراچي جي اهم واپاري علائقن جو تفصيلي دورو ڪيو. وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير ناصر شاهه، خاص معاون عثمان هنڱورو، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وھاب، پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر بهادر ڏاهري ۽ ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي پڻ …

ڪراچي-26 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ رمضان المبارڪ دوران عام واهپي وارين شين جي اگهن جو جائزو وٺڻ ۽ سرڪاري ريٽ لسٽن تي سختي سان عمل ڪرائڻ لاءِ ڪراچي جي اهم واپاري علائقن جو تفصيلي دورو ڪيو. وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير ناصر شاهه، خاص معاون عثمان هنڱورو، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وھاب، پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر بهادر ڏاهري ۽ ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي پڻ موجود هئا. وڏي وزير برنس روڊ کان دوري جي شروعات ڪئي جتي وڏي وزير پچيل کاڌا، ميوا ۽ روزمره جي استعمال جي شين جا اگهه چيڪ ڪيا. هن دڪانن ۽ ريڙهن تي لڳل ريٽ لسٽن جو جائزو ورتو ۽ دڪاندارن ۽ شهرين سان سڌي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وڏي وزير چيو ته خوراڪ ۽ ميون جا اگهه سرڪاري مقرر ڪيل اگهن موجب هئڻ گهرجن ۽ رمضان دوران منافع خوري هرگز برداشت نه ڪئي ويندي. دوري دوران وڏي وزير هڪ ڏھي بڙا وڪڻندڙ دڪان تان 600 رپيا في ڪلو حساب سان ڏھي بڙا خريد ڪيا. وڏي وزير 1200 رپيا في ڪلو جليبي جي اگهه تي هن حيرت جو اظهار ڪيو. ڪمشنر ڪراچي ٻڌايو ته گهڻين شين جا اگهه مقرر ٿيل آهن پر جليبي هن وقت نوٽيفائيڊ ريٽ ۾ شامل ناهي. دڪاندار جي انڪار باوجود وڏي وزير مڪمل رقم ادا ڪرڻ تي زور ڀريو. وڏي وزير واپارين ۽ خريدارن سان ملاقات ڪئي، شهرين سان سيلفيون ڪڍرايون ۽ هڪ دڪان جي ڪائونٽر پويان وڃي خريد و فروخت جو عمل پاڻ ڏٺو. نيڪ نيتي طور هن هڪ معذور شخص کي افطار جي سامان لاءِ 5 هزار رپيا پڻ ڏنا. وڏي وزير ايمپريس مارڪيٽ جو پڻ معائنو ڪيو. هن ميون جي ريڙهن تي لڳل ريٽ لسٽن جو جائزو ورتو ۽ اصل وڪري جي اگهن سان ڀيٽ ڪئي. هڪ ميون واري وٽ بيري جو سرڪاري اگهه 120 رپيا في ڪلو لکيل هو جڏهن ته اهو 100 رپيا في ڪلو تي وڪرو ڪري رهيو هو. دڪاندار ٻڌايو ته افطار جو وقت ويجهو هجڻ سبب اگهه گهٽايو آهي. وڏي وزير صوف ۽ ڏاڙھو جا اگهه پڻ معلوم ڪيا جيڪي ترتيبوار 265 ۽ 300 رپيا في ڪلو تي وڪرو ٿي رهيا هئا. هن خشڪ ميون جي دڪانن تي کجورن جا اگهه به چيڪ ڪيا ۽ ڀاڄين جا اگهه ڏٺا جن ۾ لوڪي 58 رپيا، واڱڻ 52 رپيا ۽ گجرون 46 رپيا في ڪلو تي وڪرو ٿي رهيا هيون. ترجمان موجب سڀني ريڙهن تي ريٽ لسٽون نمايان لڳل هيون. وڏي وزير دڪاندارن کان اهو به پڇيو ته ڇا کين انتظاميه طرفان ڪا تڪليف آهي؟ جنهن تي هنن چيو ته ڪو به اسان کي تنگ نٿو ڪري. ان موقعي تي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب بحالي ۽ مرمت جي جاري ڪم بابت بريفنگ ڏني. دوري جي پڄاڻي تي وڏي وزير واضح ڪيو ته رمضان دوران منافع خوري يا صارفين جي استحصال کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ انتظاميه کي عوامي شڪايتن تي فوري ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي.