پاڪستان هڪ مضبوط ۽ منظم ٽيم آهي، شڪست ڏيڻ هرگز آسان نه هوندو: سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان

ڪولمبو-26 فيبروري (اي پي پي) سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان داسن شنڪا چيو آهي ته پاڪستان هڪ مضبوط ۽ منظم ٽيم آهي جنهن کي شڪست ڏيڻ هرگز آسان نه هوندو. نيوزيلينڊ ٽيم کان شڪست کان پوءِ ”اي پي پي“ سان خاص ڳالهه ٻولهه ۽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستاني ٽيم باصلاحيت رانديگرن تي ٻَڌل آهي ۽ وڏن مقابلن ۾ هميشه سخت چئلينج پيش ڪندي آهي. …

ڪولمبو-26 فيبروري (اي پي پي) سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان داسن شنڪا چيو آهي ته پاڪستان هڪ مضبوط ۽ منظم ٽيم آهي جنهن کي شڪست ڏيڻ هرگز آسان نه هوندو. نيوزيلينڊ ٽيم کان شڪست کان پوءِ ”اي پي پي“ سان خاص ڳالهه ٻولهه ۽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستاني ٽيم باصلاحيت رانديگرن تي ٻَڌل آهي ۽ وڏن مقابلن ۾ هميشه سخت چئلينج پيش ڪندي آهي. سندس بقول پاڪستان خلاف ميچز سنسني ۽ دٻاءُ سان ڀريل هوندا آهن، ان لاءِ سندس ٽيم کي هر شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي. هن چيو ته پاڪتان کي ڪنهن به صورت ۾ آسان ڌُر نه سمجهڻ گهرجي ۽ مقابلي لاءِ ڀرپور تياري ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سندس ٽيم ميدان ۾ پوري جان لڳائيندي ۽ شوقينن کي هڪ سخت ۽ دلچسپي مقابلو ڏسڻ لاءِ ملندو. ڪپتان ان عزم جو اظهار به ڪيو ته سريلنڪا جا رانديگر هاڪاري حڪمت سان ميدان ۾ لهنا ۽ آخر تائين ڀرپور مقابلو ڪندي. سندس چوڻ هو ته مسلسل ناڪاري ڳالهيون ۽ تنقيد رانديگرن جي ذهني ڪيفيت کي متاثر ڪن ٿيون. ڪپتان چيو ته رانديگر جي حيثيت سان هو هميشه هاڪاري رهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر جڏهن چارؤن طرفان مايوسي ۽ تنقيد جو ماحول هجي ته ان جا اثر نوجوان رانديگرن تي ضرور پون ا. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو مقابلو ڏسڻ کانسواءِ ئي راءِ قائم ڪري وٺن ٿا جيڪا ٽيم لاءِ نقصان ڏيندڙ آهي. سندس مطابق جيڪڏهن ممڪن هجي ته عملدارن کي گهرجي ته هو مستقبل جي رانديگرن کي ان ناڪاري فضا کان بچائڻ لاءِ قدم کڻن ته جيئن سندن ذهني صحت محفوظ رهي سگهي. ڪپتان شوقينن کان معذرت ڪندي چيو ته هوم گرائونڊ تي عالمي مقابلو ڏسڻ هر رانديگر لاءِ اعزاز جي ڳالهه هوندي آهي ۽ پوري ٽيم جي خواهش هئي ته هو آخري چئن تائين پهچ حاصل ڪن، پر هو عوام جي اميدن تي پورو نه لهي سگهيا. هن خاطري ڏياري ته ٽيم پنهنجي خامين جو جائزو وٺندي ۽ مستبقل ۾ بهتر نتيجا ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي.