بنا رنڊڪ ۽ پائيدار توانائي جي فراهمي عدليه جي ڪارڪردگي ۽ اداره جاتي وقار لاءِ اڻٽر آهي: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي

اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سڄي ملڪ ۾ عدالتي بنيادي ڍانچي جي سڌارن ۽ سولرائزيشن جي اڳڀرائي جو جائزه اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري ۽ سمورن صوبن جي ريذيڊنٽ ايڊيشنل سيڪريٽريز شرڪت ڪئي. سپريم ڪورٽ پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ سڄي ملڪ جي عدالتن ۽ بار رومز ۾ سولرائيزيشن، اي لائبريريز، واٽر فلٽريشن …

اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سڄي ملڪ ۾ عدالتي بنيادي ڍانچي جي سڌارن ۽ سولرائزيشن جي اڳڀرائي جو جائزه اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري ۽ سمورن صوبن جي ريذيڊنٽ ايڊيشنل سيڪريٽريز شرڪت ڪئي. سپريم ڪورٽ پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ سڄي ملڪ جي عدالتن ۽ بار رومز ۾ سولرائيزيشن، اي لائبريريز، واٽر فلٽريشن پلانٽس، عورتن ۽ والدين لاءِ ڌار سهولت مرڪزن ۽ فيملي ڪورٽس جي ترقياتي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته بنا رنڊڪ ۽ پائيدار توانائي جي فراهمي عدليه جي ڪارڪردگي ۽ اداره جاتي وقار لاءِ اڻٽر آهي، خاص طور تي محروم ۽ موسمياتي لحاظ کان حساس علائقن ۾. هن هدايت ڪئي ته باقي خراب بنيادي ڍانچي جي خال جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ آن گرڊ ۽ آف گرڊ حل مقامي موسمي ۽ عملي حالتن موجب لاڳو ڪيا وڃن. پنجاب ۾ 56 بار رومز جي سولرائيزيشن مڪمل ٿي چڪي آهي جڏهن ته وڌيڪ 47 تي ڪم جاري آهي، سنڌ ۾ 65 بار رومز ۽ 92 عدالتون سولرائيز ٿي چڪيون آهن، اي لائبريريز ۽ اي – ڪياسڪ مشينن جي قيام سان گڏ 11 ضلعن ۾ واٽر فلٽريشن پلانٽس ۽ 28 ضلعن ۾ عدالتن تائين پاڻي جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. 28 ضلعن ۽ 19 تعلقن ۾ عورتن مرڪز سهولتون تعمير ڪيون پيون وڃن، خيبرپختونخوا ۾ 51 بار رومز ۽ 39 عدالتون سولرائيز ٿي چڪيون آهن، 66 بار رومز ۽ 62 عدالتن ۾ اي لائبريريز قائم ڪيون ويون آهن.بلوچستان ۾ 35 سيشنز ڊويزنز جي سولرائيزيشن مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ اي لائبريريز قائم ڪيون ويون آهن، 13 سيشنز ڊويزنز ۾ واٽر فلٽريشن پلانٽس لڳايا ويا آهن جڏهن ته صوبائي حڪومت کان باقي هنڌن تي سولرائزڊ ٽيوب ويلز ۽ اي –ڪورٽس جي قيام لاءِ ٽينڊرز جاري آهن، سمورا منصوبا ايل جي سي پي جي سيڪريٽري جي نگراني ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان جي ذاتي مانيٽرنگ ۾ جاري آهن. اجلاس جي پڄاڻي ماحول دوست، گهٽ لاڳت ۽ عوام دوست بنيادي ڍانچي جي ترقي لاءِ عدليه جي عزم جي ورجاءَ تي ٿي. چيف جسٽس چيو ته سولرائيزيشن رڳو توانائي جو قدم ناهي پر عدالتي آپريشن جي پائيداري ۽ عوام کي وقت سر انصاف تائين پهچ لاءِ هڪ ساختي سڌارو آهي.

مزید خبریں