اسلام آباد - 26 فيبروري (اي پي پي)مذهبي معاملن ۽ مذهبي هم آهنگي بابت وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر ساجد محمود چوهاڻ رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڪي ۾ محفل شبينه جي انتظامن جي هدايت ڪئي آهي. ڊاڪٽر ساجد محمود چوهاڻ جي صدارت هيٺ اعلى سطحي اداراجاتي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڪي ۾ منعقد ٿيندڙ روايتي ۽ پروقار ” محفل شبينه “ جي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو …
مذهبي معاملن ۽ مذهبي هم آهنگي واري وفاقي سيڪريٽري جي صدارت هيٺ اجلاس، محفل شبينه منعقد ڪرڻ جي تيارين جو جائزو ورتو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي)مذهبي معاملن ۽ مذهبي هم آهنگي بابت وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر ساجد محمود چوهاڻ رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڪي ۾ محفل شبينه جي انتظامن جي هدايت ڪئي آهي. ڊاڪٽر ساجد محمود چوهاڻ جي صدارت هيٺ اعلى سطحي اداراجاتي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڪي ۾ منعقد ٿيندڙ روايتي ۽ پروقار ” محفل شبينه “ جي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ضلعي انتظاميه، پوليس سميت ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي، سيڪيورٽي سميت ٻين انتظامن جي ڀرپور انداز ۾ ادائيگي جي عزم جو ورجاءِ ڪيو ويو. وفاقي سيڪريٽري ان مبارڪ تقريب جي تيارين کي مقرر وقت تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي سيڪريٽري ان عزم جو ورجاءِ ڪيو ته محفل شبينه جي اها روايت مذهبي جوش ۽ جذبي سان برقرار رکي ويندي ته جيئن عوام ان بابرڪت ڏهاڪي جي سعادتن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهي.











