اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان پي ايس ايڪس ڪي ايم آءِ آل شيئر انڊيڪس جي شرعي اسڪريننگ جو نظرثاني ٿيل معيار ۽ طريقيڪار جاري ڪيو آهي. انڊيڪس جي اسڪريننگ ۾ ترميم شريعه ڪمپلائنٽ انڊيڪس کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ شريعه ڪمپلائنٽ شيئرز تي سيڙپڪارن جي اعتماد کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي. گذريل ڏينهن سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان طرفان جاري …
ايس اي سي پي آل شيئر انڊيڪس جي شرعي اسڪريننگ جي طريقيڪار تي نظرثاني ڪري ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان پي ايس ايڪس ڪي ايم آءِ آل شيئر انڊيڪس جي شرعي اسڪريننگ جو نظرثاني ٿيل معيار ۽ طريقيڪار جاري ڪيو آهي. انڊيڪس جي اسڪريننگ ۾ ترميم شريعه ڪمپلائنٽ انڊيڪس کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ شريعه ڪمپلائنٽ شيئرز تي سيڙپڪارن جي اعتماد کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي. گذريل ڏينهن سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان طرفان جاري بيان موجب اهو فيصلو پاڪستان جي مالياتي نظام کي وياج کان پاڪ (ربا فري) فريم ورڪ طرف منتقل ڪرڻ لاءِ جاري سڌارن جو تسلسل آهي. ان سلسلي ۾ ناڻي واري وزارت ۾ فنانشل سيڪٽر اسٽريٽجي بابت ڪميٽي جي هڪ اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت ناڻي واري سيڪريٽري ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي شرعي عدالت جي ڊسمبر 2027ع تائين پاڪستان کي وياج کان پاڪ بڻائڻ جي قدمن تي عملدرآمد تيز ڪرڻ ۽ آئنده جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. ناڻي واري وزارت ايس اي سي پي کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي نگراني هيٺ مالياتي سيڪٽر کي شرعي ماڊلز ۾ تبديل ڪرڻ ۽ بعد ۾ ان تبديلي کي مستحڪم رکڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي. وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي ۽ آئين جي آرٽيڪل 38 (1) بابت 26 هين آئيني ترميم، جنهن موجب ڊسمبر 2027ع تائين پاڪستان جي سموري مالياتي نظام مان مرحليوار انداز ۾ وياج جو خاتمو ڪرڻ آهي. شريعه ڪمپلائنٽ آل انڊيڪس جي نظرثاني ٿيل فريم ورڪ سان سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري جي فيصلن ۾ سهولت، ۽ لسٽڊ ڪمپنين کي آهستي آهستي شريعه ڪمپلائنٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. انڊيڪس جي اسڪريننگ جي نئين معيار موجب ڪمپني جي غير شرعي قرضن جي ڪل شرح 37 سيڪڙو کان گهٽائي 33 سيڪڙو ڪئي آهي، جيڪو شرعي مالياتي سهولتن جي وڌندڙ دستيابي ۽ عالمي طريقيڪار سان هم آهنگ آهي. شرعي هڪجهڙائي جي درجابندي جو نظام به متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن تحت اهل ڪمپنين کي ٿري، فور يا فائيو اسٽار جي درجا بندي ڏني ويندي ته جيئن شفافيت وڌي ۽ سيڙپڪار مختلف سطح تي هڪجهڙائي جو جائزو وٺي سگهن. پي ايس ايڪس ڪي ايم آءِ آل شيئر انڊيڪس جي شرعي طور تي هڪجهڙائي رکندڙ ڪمپنين جي فهرست لاءِ پنج ڏينهن ڏنا ويندا جن دوران حصيدار ثبوتن تي ٻڌل نظرثاني جون درخواستون جمع ڪرائي سگهندا. ايس اي سي پي پي ايس ايڪس کي سفارش ڪئي آهي ته غير شرعي سيڙپڪاري جي ڪل اثاثن جي شرح 33 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 30 سيڪڙو ڪئي وڃي ۽ اسلامي انڊيڪسز کي ٽه ماهي بنيادن تي اپ ڊيٽ ڪرڻ، ۽ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي عمل کي ڊجيٽل بڻايو وڃي، شرعي گورننس ريگوليشنز تحت شريعه ڪمپلائنٽ سيڪيورٽيز جي اسڪريننگ جي طريقيڪار لاءِ ايس اي سي پي جي منظوري ضروري آهي.











