آئي سي سي مينز ٽي – 20 ورلڊ ڪپ سپر- 8 مرحلي ۾ 27 فيبروري تي وڌيڪ هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو

ڪولمبو - 26 فيبروري (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ آئي سي سي مينز ٽي- 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 8 مرحلي ۾ جمعي ڏينهن 27 فيبروري تي انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن جي وچ ۾ سريلنڪا جي گادي واري شهر ڪولمبو جي آرپريما داسا اسٽيڊيم ۾ مقابلو ٿيندو. اهو ورلڊ ڪپ جو 49هون ميچ هوندو. محدود اوورن جي فارميٽ جي 10 هين ميگا ايونٽ جا انتهائي …

ڪولمبو – 26 فيبروري (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ آئي سي سي مينز ٽي- 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 8 مرحلي ۾ جمعي ڏينهن 27 فيبروري تي انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن جي وچ ۾ سريلنڪا جي گادي واري شهر ڪولمبو جي آرپريما داسا اسٽيڊيم ۾ مقابلو ٿيندو. اهو ورلڊ ڪپ جو 49هون ميچ هوندو. محدود اوورن جي فارميٽ جي 10 هين ميگا ايونٽ جا انتهائي دلچسپ مقابلا سريلنڪا ۽ ڀارت ۾ جاري آهن جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ميگا ايونٽ ۾ 20 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. ڀارت دفاعي چيمپئن آهي. سپر ايٽ رائونڊ جي گروپ ٽو جي ناقابل شڪست انگلينڊ جي ٽيم پنهنجا ٻئي ميچ کٽي 4 پوائنٽس سان اڳ ئي سيمي فائنل ۾ پهچي چڪي آهي جڏهن ته نيوزيليند جي ٽيم به ٻه ميچ کيڏي چڪي آهي جنهن مان سندس پهريون ميچ برسات جي ور چڙهي ويو هو جڏهن ته هُو پنهنجو ٻيو ميچ کٽي چڪي آهي ۽ ان جا 3 پوائنٽس آهن. ٽورنامينٽ جو پهريون سيمي فائنل 8 مارچ تي کيڏيو ويندو.

مزید خبریں