افغانستان جي ڌرتي تان پاڪستان خلاف جاري دهشتگردي هاڻي ڪا لڪل ڳالهه ناهي رهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته افغانستان جي ڌرتي تان پاڪستان خلاف جاري دهشتگردي هاڻي ڪا لڪيل ڳالهه ناهي رهي، ڪرڪ ۾ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي قافلي تي بزدلاڻو حملو، شڪر دره (ڪوهاٽ) ۾ ڊي ايس پي سميت ٻين اهلڪارن جي شهادت ۽ ڀڪر ۾ آپگهاتي ڌماڪو اهي سڀ واقعا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته پاڪستان رياست کي …

اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته افغانستان جي ڌرتي تان پاڪستان خلاف جاري دهشتگردي هاڻي ڪا لڪيل ڳالهه ناهي رهي، ڪرڪ ۾ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي قافلي تي بزدلاڻو حملو، شڪر دره (ڪوهاٽ) ۾ ڊي ايس پي سميت ٻين اهلڪارن جي شهادت ۽ ڀڪر ۾ آپگهاتي ڌماڪو اهي سڀ واقعا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته پاڪستان رياست کي هڪ منظم سازش تحت نشانو بڻايو پيو وڃي. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته رمضان المبارڪ جهڙي مقدس مهيني ۾ معصوم جانين جو رت وهائڻ ان ڳالهه جو دليل آهي ته انهن دهشتگردن جو نه اسلام سان ڪو تعلق آهي ۽ نه ئي پختون روايتن سان، اهي عنصر پنهنجي قائم ڪيل نظرين تي عمل لاءِ انسانيت جي هر حد پار ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته پاڪستان طرفان بار بار مطالبو ڪيو ويو ته افغان ڌرتي کي فتنه الخوارج ۽ ٻين دهشتگرد گروپن لاءِ استعمال نه ٿيڻ ڏنو وڃي پر ان جي ابتڙ پاڪستان خلاف کليل جارحيت ۽ اڳرائي اسان جي خودمختياري کي چئلينج ڪرڻ جي برابر آهي. هن چيو ته پاڪستان رياست واضح ڪرڻ چاهي ٿي ته قومي سلامتي، وقار ۽ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ هر قسم جي سياسي لاڳاپن ۽ مفادن کان مٿانهون آهي. ان جنگ جو جواب مڪمل قومي اتحاد، عوامي حمايت ۽ فولادي عزم سان ڏنو ويندو. اسان جون سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قوم جي مڪل حمايت سان دهشتگردي جي ناسور جون پاڙون پٽڻ لاءِ پرعزم آهن، اڄ وقت جي اها تقاضا آهي ته اسان سياسي اختلافن کان اڳتي وڌي دشمن جي ناپاڪ ارادن جو مقابلو ڪريون، پاڪستان خلاف ٿيندڙ ان دهشتگردي کي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو، پاڪستان جي امن، خودمختياري ۽ سلامتي تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو، قوم متحد آهي، فوج چوڪس آهي ۽ هر قرباني جو حساب ورتو ويندو.

مزید خبریں