آءِ سي سي مينز ٽي – 20 ورلڊ ڪپ سپر ايٽ رائونڊ مان پاڪستان جي سيمي فائنل تائين پهچ مشڪل صورتحال اختيار ڪري وئي

ڪينيڊي-26 فيبروري (اي پي پي)10 هين آءِ سي سي مينز ٽي -20 ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ پاڪستان جي سيمي فائنل تائين پهچ مشڪل صورتحال اختيار ڪري وئي آهي ۽ هاڻي گرين شرٽس کي سيمي فائنل مرحلي ۾ جڳهه ٺاهڻ لاءِ نه رڳو پنهنجي فتح پر ٻين مقابلن جي نتيجن تي به نظر ڄمائي رکڻي پوندي. مسلسل ٻن ناڪامين کانپوءِ سريلنڪا سيمي فائنل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي چڪو آهي، جڏهن ته …

ڪينيڊي-26 فيبروري (اي پي پي)10 هين آءِ سي سي مينز ٽي -20 ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ پاڪستان جي سيمي فائنل تائين پهچ مشڪل صورتحال اختيار ڪري وئي آهي ۽ هاڻي گرين شرٽس کي سيمي فائنل مرحلي ۾ جڳهه ٺاهڻ لاءِ نه رڳو پنهنجي فتح پر ٻين مقابلن جي نتيجن تي به نظر ڄمائي رکڻي پوندي. مسلسل ٻن ناڪامين کانپوءِ سريلنڪا سيمي فائنل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي چڪو آهي، جڏهن ته پاڪستان ٽيم جي ميگا ايونٽ جي سيمي فائنل مرحلي تائين پهچ لاءِ مشڪلات وڌي رهي آهي. گروپ ۾ نيوزي لينڊ جو نيٽ رن ريٽ پلس 3.05 آهي جڏهن ته پاڪستان جو نيٽ رن ريٽ ڪاٽو 0.46 آهي، جيڪو واضح فرق ظاهر ڪري ٿو. نيوزي لينڊ پنهنجي آخري ميچ جمعي تي انگلينڊ خلاف کيڏندي جڏهن ته پاڪستان ڇنڇر ڏينهن سريلنڪا سان مهاڏو اٽڪائيندو. جيڪڏهن نيوزيلينڊ انگلينڊ کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته پاڪستان جا امڪان پنهنجي آخري ميچ کان پهرين ئي ختم ٿي ويندا. ٻئي طرف جيڪڏهن ڪيويز کي ناڪامي نصيب ٿي ته پاڪستان لاءِ دروازو کليل رهندو، پر ان کي سريلنڪا خلاف وڏي فتح گهربل هوندي ته جيئن نيٽ رن ريٽ ۾ نمايان بهتري آڻي سگهجي.

مزید خبریں