آءِ سي سي ٽي- ٽوئنٽي ورلڊڪپ سپر 8 ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ميچ 24 فيبروري تي کيڏيو ويندو

ڪينيڊي -23 فيبروري (اي پي پي) آءِ سي سي مينز ٽي - ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ميچ اڱاري تي پاليڪيلي انٽرنيشنل اسٽيڊيم سريلنڪا ۾ کيڏيو ويندو. اهو ميچ مقامي وقت موجب شام جو 7 وڳي شروع ٿيندو. انگلينڊ ۽ پاڪسان وچ ۾ آءِ سي سي مينز ٽي - ٽوئنٽي ورلڊڪپ 2026ع جي ميچ ۾ زبردست مقابلي جي اميد آهي. انگلينڊ …

ڪينيڊي -23 فيبروري (اي پي پي) آءِ سي سي مينز ٽي – ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ميچ اڱاري تي پاليڪيلي انٽرنيشنل اسٽيڊيم سريلنڪا ۾ کيڏيو ويندو. اهو ميچ مقامي وقت موجب شام جو 7 وڳي شروع ٿيندو. انگلينڊ ۽ پاڪسان وچ ۾ آءِ سي سي مينز ٽي – ٽوئنٽي ورلڊڪپ 2026ع جي ميچ ۾ زبردست مقابلي جي اميد آهي. انگلينڊ جي ٽيم گروپ سي ۾ پنهنجي مضبوط فارم کان پوءِ ان ميچ ۾ پنهنجي طاقت جو امتحان ڏيندي جڏهن ته پاڪستان نميبيا  خلاف شاندار فتح کان پوءِ پنهنجي روايتي مهارت ٻيهر ڏيکاريندو. انگلينڊ کي سيمي فائينل تائين پهچڻ لاءِ اهو ميچ کٽڻ لازمي آهي. سيمي فائينل جي ڊوڙ ۾ ٻنهي ٽيمن کي ڪنهن به نقصان جي گنجائش ناهي، ان لاءِ هيءَ ٻنهي ٽيمن لاءِ ميچ تمام اهم آهي.

مزید خبریں