بي سي بي پاران منظورالسلام تي ڪرڪيٽ بابت سمورين سرگرمين تي پابندي لاڳو

ڍاڪا _ 23 فيبروري (اي پي پي) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) اڳوڻي قومي ڪرڪيٽر ۽ بنگلاديش وومينز ٽيم جي مينيجر منظور السلام تي ڪرڪيٽ بابت سمورين سڌيءَ ريت سرگرمين ۽ ملازمت ۽ وابستگي تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. بورڊ طرفان جاري بيان مطابق اهو فيصلو آزاداڻي جاچ ڪميٽي جي سفارش جي روشني ۾ ڪيو ويو آهي جيڪا اڳوڻي ڪپتان جهان آرا عالم جي شڪايت …

ڍاڪا _ 23 فيبروري (اي پي پي) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) اڳوڻي قومي ڪرڪيٽر ۽ بنگلاديش وومينز ٽيم جي مينيجر منظور السلام تي ڪرڪيٽ بابت سمورين سڌيءَ ريت سرگرمين ۽ ملازمت ۽ وابستگي تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. بورڊ طرفان جاري بيان مطابق اهو فيصلو آزاداڻي جاچ ڪميٽي جي سفارش جي روشني ۾ ڪيو ويو آهي جيڪا اڳوڻي ڪپتان جهان آرا عالم جي شڪايت جي جاچ لاءِ قائم ڪئي وئي هئي. جهان آرا عالم الزام هنيو هو ته سال 2022ع جي عالمي ڪپ دوران ساڻس اڻوڻندڙ رويو ۽ هراساني ڪئي وئي. بورڊ کي تازو ئي جاچ رپورٽ ملي هئي جنهن بعد قانوني ماهرن کان به راءِ ورتي وئي. ڪميٽي 4 الزامن جو جائزو ورتو جنهن ۾ 2 شاهدن جي گهٽتائي سبب اهو الزام ثابت نٿي سگهيو، پر باقي 2 معاملن ۾ ان وقت جي سليڪٽر ۽ بنگلاديش وومينز ٽيم جي مينيجر منظور السلام خلاف ڄاڻي واڻي ساڻس نامناسب طرز عمل جي شاهدي ملي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته سندس رويو پيشيوراڻي معيار وارو نه هو ۽ ڪجهه قدم سپريم ڪورٽ جي هدايت تحت بدسلوڪي ۽  هراساني جي زمري ۾ به اچن ٿا. منظور السلام جو بورڊ سان معاهدو 30 جون 2025ع تي ختم ٿي چڪو هو. بي سي بي شير بنگلا نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ اجلاس بعد چيو ته بورڊ ڪميٽي جي وڌيڪ سفارش جو جائزو وٺي رهيو آهي ۽ ضرورت پوڻ تي اضافي قدم به کنيا ويندا.