ڪولمبو -22 فيبروري (اي پي پي) ڪولمبو ۾ آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ اهم ميچ برسات سبب رد ٿيڻ کان پوءِ گروپ ۾ هر مقابلو انتهائي اهميت اختيار ڪري ويو آهي. سپر ايٽ مرحلي ۾ پاڪستان گروپ ٽو ۾ سريلنڪا، انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ سان شامل آهي ۽ هاڻي ان جون 2 ميچون باقي آهن. پاڪستان 24 فيبروري تي …
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ اهم ميچ برسات سبب رد ٿيڻ بعد گروپ ۾ هر مقابلو انتهائي اهميت اختيار ڪري ويو

مزید خبریں
ڪولمبو -22 فيبروري (اي پي پي) ڪولمبو ۾ آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ اهم ميچ برسات سبب رد ٿيڻ کان پوءِ گروپ ۾ هر مقابلو انتهائي اهميت اختيار ڪري ويو آهي. سپر ايٽ مرحلي ۾ پاڪستان گروپ ٽو ۾ سريلنڪا، انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ سان شامل آهي ۽ هاڻي ان جون 2 ميچون باقي آهن. پاڪستان 24 فيبروري تي انگلينڊ خلاف ميدان ۾ لهندو جڏهن ته آخري ميچ ميزبان سريلنڪا خلاف کيڏندو. گروپ جون ٽاپ ٻه ٽيمون سيمي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون. برسات سبب ميچ رد ٿيڻ ۽ هڪ هڪ پوائنٽ کان پوءِ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ لاءِ هاڻي هر ميچ عملي طور تي ناڪ آئوٽ جي حيثيت اختيار ڪري چڪي آهي، جيڪڏهن گرين شرٽس نيٽ رن ريٽ تي ڀاڙڻ کان سواءِ سيمي فائينل ۾ جاءِ ٺاهڻ چاهين ٿا ته کين پنهنجون باقي ٻه رهيل ميچون کٽڻيون پونديون. ٻنهي ميچن ۾ ڪاميابي جي صورت ۾ پاڪستان جون مجموعي پوائنٽس پنج ٿي وينديون ۽ سيمي فائينل ۾ پهچ يقيني بڻجي ويندي. پر جيڪڏهن هڪ ميچ کٽي ۽ هڪ هارائي ته 3 پوانٽنس سان ان کي ٻين ٽيمن جي نتيجن ۽ نيٽ رن ريٽ تي ڀاڙڻو پوندو.











