ڪراچي-20 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي سينئر ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ قومي ايڪشن پلان 2021ع تحت مرڪزي اپيڪس ڪميٽي جي صوبائي انفارميشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ انفارميشن ڊومين جي جامع پلان آف ايڪشن جي باضابطا منظوري ڏني وئي. سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل خبر موجب اجلاس ۾ جامع پلان آف ايڪشن آر اين اي پي سيڪريٽريٽ …
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ قومي ايڪشن پلان تحت مرڪزي اپيڪس ڪميٽي جي صوبائي انفارميشن ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
ڪراچي-20 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي سينئر ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ قومي ايڪشن پلان 2021ع تحت مرڪزي اپيڪس ڪميٽي جي صوبائي انفارميشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ انفارميشن ڊومين جي جامع پلان آف ايڪشن جي باضابطا منظوري ڏني وئي. سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل خبر موجب اجلاس ۾ جامع پلان آف ايڪشن آر اين اي پي سيڪريٽريٽ ذريعي وفاقي حڪومت کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ عملدرآمد جي اڳڀرائي جي ٽه ماھي جائزي ۽ باقاعده رپورٽنگ جاري رکڻ جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ آر اين اي پي 2021ع جي انفارميشن ڊومين تحت صوبائي سطح تي ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ جامع ايڪشن پلان جو جائزو ورتو ويو ۽ اليڪٽرانڪ ڊجيٽل ۽ آئوٽ ڊور ميڊيا ذريعي مربوط مھمون ھلائڻ، فلمن ۽ دستاويزي پروگرامن ذريعي قومي بيانئي کي مستحڪم ڪرڻ ۽ معرڪه حق کانپوءِ دشمن جي بيانئي جو منهن ٽوڙ مقابلو ڪرڻ جي حڪمت عملي تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جامع ايڪشن پلان ۾ گڏيل قومي بيانئي جي تشڪيل، پاڪستاني سڃاڻپ ۽ پيغام پاڪستان کي ھٿي ڏيڻ، انتھا پسندي ۽ گمراھ ڪندڙ پروپيگنڊا جو اثرائتو جواب،ڊجيٽل احتساب ۽ عوامي آگاھي جھڙا قدم شامل آھن. ھن چيو ته قومي بيانئي کي مضبوط ۽ مربوط بڻائڻ وقت جي اھم ضرورت آھي، سنڌ حڪومت آر اين اي پي 2021 تحت پنھنجي ذميواري پوري سنجيدگي سان ادا ڪري رھي آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو ته انفارميشن ڊومين ۾ اھڙا قدم کنيا پيا وڃن جيڪي پيمائش جوڳا ۽ جٽادار نتيجن وارا ھوندا ۽ گڏيل قومي بيانيو ئي دشمن جي پروپيگنڊا جو اثرائتو جواب ڏئي سگھي ٿو ۽ نئين نسل کي ھاڪاري ۽ تعميري رُخ فراھم ڪري سگھي ٿو. سندس چوڻ ھو ته سنڌ حڪومت قومي سلامتي، امن ۽ استحڪام ۽ سماجي ھم آھنگي کي ھٿي ڏيڻ لاءِ وفاقي ھدايتن موجب ڀرپور سھڪار جاري رکندي.











