ڪراچيءَ جي علائقي سولجر بازار ۾ 3 ماڙ رهائشي عمارت ۾ سلينڊر ڌماڪو، 16 ڄڻا فوت، 14 زخمي

ڪراچي-19 فيبروري (اي پي پي) ڪراچيءَ جي علائقي سولجر بازار ۾ 3 ماڙ رهائشي عمارت ۾ سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا فوت جڏهن ته 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو عملدارن موجب فوت ٿيلن ۾ 4 ٻار ۽ 6 عورتون شامل آهن.  ريسيڪو ذريعن موجب ڌماڪو گذريل ڏينهن عمارت جي پهرين منزل تي ٿيو، جنهن سبب عمارت جو هڪ حصو زمين ۾ دٻجي ويو. ملبي هيٺان دٻيل …

ڪراچي-19 فيبروري (اي پي پي) ڪراچيءَ جي علائقي سولجر بازار ۾ 3 ماڙ رهائشي عمارت ۾ سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا فوت جڏهن ته 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو عملدارن موجب فوت ٿيلن ۾ 4 ٻار ۽ 6 عورتون شامل آهن.  ريسيڪو ذريعن موجب ڌماڪو گذريل ڏينهن عمارت جي پهرين منزل تي ٿيو، جنهن سبب عمارت جو هڪ حصو زمين ۾ دٻجي ويو. ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن ۽ امدادي ڪارروايون جاري آهن. ڊي آءِ جي اوڀر  ڊاڪٽر فرخ لنجار موجب شروعاتي اطلاعن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڌماڪو گيس ليڪيج سبب پيش آيو. سندس چوڻ هو ته خدشو آهي ته هڪ لاش اڃا به ملبي هيٺان دٻيل آهي جڏهن ته ريسيڪو آپريشن اڃا تائين جاري آهي. ڊي آءِ جي چيو ته ڌماڪي جي نوعيت جو حتمي تعمين ڪيميائي معائني کان پوءِ ئي ڪري سگهجي ٿو ۽ واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي. سندس مطابق لاڳاپيل عملدارن ان ڳالهه جو جائزو وٺندا ته عمارت قانوني هئي يا غير قانوني ۽ ذميدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. ريسيڪو ٽيمون سرچ آپريشن دوران ڪيترن ئي ماڻهن کي ملبي هيٺان ڪڍيو. فوت ٿيلن ۾ 10 سالن جي نازيه ۽ 60 سالن جو  محمد رياض به شامل آهي. عملدارن موجب 17 سالن ۽ 19 سالن جي ڇوڪرين جا لاش به ملبي مان ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته بعد ۾ 18 سالن جي عورت جو لاش به هٿ ڪيو ويو.