سي آءِ اي ۽ پڪو قلعو ٿاڻي جي پوليس پاران گڏيل ڪارروائي چوري جون 12 موٽر سائيڪلون هٿ، هڪ ڄڻو گرفتار

حيدرآباد -19 فيبروري (اي پي پي) سي آءِ اي ۽ پڪو قلعو ٿاڻي جي پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري موٽر سائيڪل لفٽر گينگ جي هڪ ڄڻي مزمل پٽ امين خان کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان چوري جون 12 موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون آهن.  پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هٿ آيل موٽر سائيڪلن جي مالڪن جي به ڳولا شروع ڪئي وئي آهي ته جيئن هٿ آيل موٽر سائيڪلون انهن جي حوالي ڪيون …

حيدرآباد -19 فيبروري (اي پي پي) سي آءِ اي ۽ پڪو قلعو ٿاڻي جي پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري موٽر سائيڪل لفٽر گينگ جي هڪ ڄڻي مزمل پٽ امين خان کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان چوري جون 12 موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون آهن.  پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هٿ آيل موٽر سائيڪلن جي مالڪن جي به ڳولا شروع ڪئي وئي آهي ته جيئن هٿ آيل موٽر سائيڪلون انهن جي حوالي ڪيون وڃن. ترجمان موجب جوابدار کان گينگ جي ٻين ميمبرن بابت پڇاڻو ڪيو پيو وڃي.