ڪولمبو-18 فيبروري (اي پي پي) ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 8 مرحلي ۾ پاڪستان گروپ 2 ۾ انگلينڊ، نيوزي لينڊ ۽ سريلنڪا سان گڏ شامل هوندو. هر ٽيم پنهنجي گروپ جي ٻين ٽيمن سان هڪ هڪ ميچ کيڏندي ۽ پوائنٽس ٻڙي کان شروع ٿيندا، گذريل راند جو نيٽ رن ريٽ منتقل نه ٿيندو. پاڪستان جي پهرين سپر 8 ميچ ڇنڇر ڏينهن نيوزي لينڊ خلاف آرپريما ڊاسا اسٽيڊيم ڪولمبو ۾ ٿيندي. …
ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 8 مرحلي ۾ پاڪستان گروپ 2 ۾ انگلينڊ، نيوزي لينڊ ۽ سريلنڪا سان گڏ شامل هوندو

مزید خبریں
ڪولمبو-18 فيبروري (اي پي پي) ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 8 مرحلي ۾ پاڪستان گروپ 2 ۾ انگلينڊ، نيوزي لينڊ ۽ سريلنڪا سان گڏ شامل هوندو. هر ٽيم پنهنجي گروپ جي ٻين ٽيمن سان هڪ هڪ ميچ کيڏندي ۽ پوائنٽس ٻڙي کان شروع ٿيندا، گذريل راند جو نيٽ رن ريٽ منتقل نه ٿيندو. پاڪستان جي پهرين سپر 8 ميچ ڇنڇر ڏينهن نيوزي لينڊ خلاف آرپريما ڊاسا اسٽيڊيم ڪولمبو ۾ ٿيندي. گروپ مرحلي جي پڄاڻي تي گروپ جون 2 بهترين ٽيمون سيمي فائنل ۾ پهچنديون. جيڪڏهن پاڪستان سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ٿو ته پهريون سيمي فائنل ڪولمبو ۾ 4 مارچ تي ٿيندو. ٻي صورت ۾ اها ميچ ڪولڪته ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان جيڪڏهن فائنل ۾ پهچي ٿو ته فائنل ميچ ڪولمبو ۾ ٿيندو، نه ته فائنل احمد آباد ۾ کيڏيو ويندو، سيمي فائنلز ۽ فائنل لاءِ ريزرو ڏينهن به موجود آهن. پاڪستان جي سپر 8 ۾ پهچڻ سان ئي 2028ع جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ پاڻ مرادو ڪواليفيڪيشن حاصل ٿي وئي آهي، جنهن سان ٽيم لاءِ ايندڙ مقابلن جي تياري آسان ٿي وئي آهي. اها ڪاميابي پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ حوصلا افزا آهي ۽ ٽيم هاڻي سپر 8 ۾ پنهنجي بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ تيار آهي.











