نئين دهلي-18 فيبروري (اي پي پي)10 هين آءِ سي سي ٽي - ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 34 هين ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا گڏيل عرب امارات کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، پروٽيز ٽيم اڳ ئي ميگا اينٽ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچي چڪي آهي. ڏکڻ آفريقا 123 رنسن جو هدف 13.2 اوورز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ڪوربن بوش کي شاندار بالنگ تي ميچ …
ڏکڻ آفريقا آءِ سي سي ٽي -20 ورلڊ ڪپ گروپ ڊي جي ميچ ۾ يو اي اي کي 6 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

مزید خبریں
نئين دهلي-18 فيبروري (اي پي پي)10 هين آءِ سي سي ٽي – ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 34 هين ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا گڏيل عرب امارات کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، پروٽيز ٽيم اڳ ئي ميگا اينٽ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچي چڪي آهي. ڏکڻ آفريقا 123 رنسن جو هدف 13.2 اوورز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ڪوربن بوش کي شاندار بالنگ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. گذريل ڏينهن ارون جيٽلي اسٽيڊيم دهلي ۾ کيڏيل گروپ ڊي جي ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا جي ڪپتان ايڊن مارڪرم ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. يو اي اي جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 122 رنسون ٺاهيون، عاليشان شرافو 45 ۽ ڪپتان محمد وسيم 22 رنسون ٺاهيون. ڏکڻ آفريقا جي ڪوربن بوش شاندار بالنگ ڪندي 3 جڏهن ته ايزيچ نور ٽجي ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. جواب ۾ ڏکڻ آفريقا 123 رنسن جو گهربل هدف 13.2 اوورز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ڊيوالڊبريوس 36، ريان رڪيلٽن 30 ۽ ڪپتان ايڊن مارڪرم 28 رنسن سان نمايان بيٽسمين رهيا. يو اي اي طرفان حيدر علي، محمد عرفان، محمد فاروق ۽ محمد جواد الله هڪ، هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. ڏکڻ آفريقا جي ڪوربن بوش کي شاندار بالنگ تي مرد ميدان قرار ڏنو ويو.











