ميلان-18 فيبروري(اي پي پي)آمريڪا ۽ ڪينيڊا جون وومينز ٽيمون سرمائي اولمپڪس 2026ع ۾ عورتن جي آئيس هاڪي جي مقابلن ۾ پنهنجي ڪاميابين جي سلسلي کي برقرار رکندي فائنل ۾ پهچي چڪيون آهن جن وچ ۾ فائنل 19 فيبروري تي کيڏيو ويندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪا جي ويمن آئيس هاڪي ٽيم سيمي فائنل ميچ ۾ هڪه طرفي مقابلي بعد سوئيڊن جي ٽيم کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو هو.جڏهن …
اولمپڪ ويمنز آئيس هاڪي، آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي ٽيمن وچ ۾ فائنل 19 فيبروري تي کيڏيو ويندو

مزید خبریں
ميلان-18 فيبروري(اي پي پي)آمريڪا ۽ ڪينيڊا جون وومينز ٽيمون سرمائي اولمپڪس 2026ع ۾ عورتن جي آئيس هاڪي جي مقابلن ۾ پنهنجي ڪاميابين جي سلسلي کي برقرار رکندي فائنل ۾ پهچي چڪيون آهن جن وچ ۾ فائنل 19 فيبروري تي کيڏيو ويندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪا جي ويمن آئيس هاڪي ٽيم سيمي فائنل ميچ ۾ هڪه طرفي مقابلي بعد سوئيڊن جي ٽيم کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو هو.جڏهن ته ٻي سيمي فائنل ميچ ۾ ڪينڊا جي عورتن جي آئيس هاڪي ٽيم سوئٽزرلينڊ کي سخت مقابلي بعد 1-2 تان هارائي فائنل تائين رسائي حاصل ڪئي هئي . آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي ٽيمن وچ ۾ وومينز آئيس هاڪي مقابلن جي فائنل ميچ 19 فيبروري تي ميلان ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته سيمي فائينل مرحلي جي شڪست يافته ٽيمن سوئٽزرلينڊ ۽ سوئيڊن وچ ۾ ٽامي جي تمغن لاءِ ميچ 19 فيبروري تي ئي کيڏي ويندي.











