آءِ سي سي مينز ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ نميبيا جي ٽيمن وچ  ۾ ميچ اڄ کيڏي ويندي

ڪولمبو - 17 فيبروري (اي پي پي) 10 هين آءِ سي سي ٽي -20 ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ پاڪستان ۽ نميبيا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ گروپ اي جي ميچ (اڄ) اربع ڏينهن ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. ميچ پاڪستان جي معياري وقت مطابق 3 وڳي شروع ٿيندي. ميگا ايونٽ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچڻ لاءِ پاڪستان کي نميبيا خلاف ميچ کٽڻ ضروري هوندو. نميبيا خلاف ميچ پاڪستان لاءِ هاڻي …

ڪولمبو – 17 فيبروري (اي پي پي) 10 هين آءِ سي سي ٽي -20 ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ پاڪستان ۽ نميبيا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ گروپ اي جي ميچ (اڄ) اربع ڏينهن ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. ميچ پاڪستان جي معياري وقت مطابق 3 وڳي شروع ٿيندي. ميگا ايونٽ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچڻ لاءِ پاڪستان کي نميبيا خلاف ميچ کٽڻ ضروري هوندو. نميبيا خلاف ميچ پاڪستان لاءِ هاڻي ناڪ آئوٽ جي حيثيت اختيار ڪري چڪي آهي ۽ ڪرڪيٽ جي مداحن کي هڪ سٺي ميچ ڏسڻ لاءِ ملندي. گرين شرٽس کي ميچ کٽڻ لاءِ هر شعبي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي.