ڪولمبو-16 جولاءِ (اي پي پي) آءِ سي سي مينز ٽي -20 ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ ڀارت کان 61 رنسن جي شڪست بعد پاڪستان جي ٽيم جو سپر ايٽ مرحلي تائين پهچڻ خطري ۾ پئجي ويو آهي ۽ هاڻي قومي ٽيم کي ايندڙ مرحلي ۾ پهچڻ لاءِ پنهنجي آخري گروپ ميچ هر صورت ۾ کٽڻي پوندي. گروپ اي ۾ ڀارت اڳ ئي ايندڙ مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري چڪو آهي جڏهن ته …
آءِ سي سي ٽي -20 ورلڊ ڪپ جي سپر ايٽ رائونڊ تائين پهچڻ لاءِ پاڪستان کي نميبيا خلاف ڪاميابي گهربل

مزید خبریں
ڪولمبو-16 جولاءِ (اي پي پي) آءِ سي سي مينز ٽي -20 ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ ڀارت کان 61 رنسن جي شڪست بعد پاڪستان جي ٽيم جو سپر ايٽ مرحلي تائين پهچڻ خطري ۾ پئجي ويو آهي ۽ هاڻي قومي ٽيم کي ايندڙ مرحلي ۾ پهچڻ لاءِ پنهنجي آخري گروپ ميچ هر صورت ۾ کٽڻي پوندي. گروپ اي ۾ ڀارت اڳ ئي ايندڙ مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري چڪو آهي جڏهن ته پاڪستان کي ان ڳري شڪست سبب نه رڳو پوائنٽس ٽيبل تي ڌچڪو پر قومي ٽيم جو نيٽ رن ريٽ به سخت متاثر ٿيو آهي .شڪست کان اڳ پاڪستان جو نيٽ رن ريٽ مثبت 0.932 هو جيڪو گهٽجي ڪاٽو 0.403 ٿي ويو ، جنهن جي نتيجي ۾ قومي ٽيم درجه بندي ۾ آمريڪا کان هيٺ هلي وئي آهي. آمريڪا 4 ميچن ۾ 2 ڪاميابيون حاصل ڪري چار پوائنٽس حاصل ڪيون آهن ۽ ان جو نيٽ رن ريٽ 0.788 آهي ، جيڪو پاڪستان کان بهتر آهي . اهڙي صورتحال ۾ قومي ٽيم لاءِ حساب ڪتاب واضع آهي. نميبيا خلاف ڪاميابي انٽر آهي. پاڪستان پنهنجي آخري گروپ ميچ 18 فيبروري تي نميبيا خلاف کيڏندو. جيڪڏهن قومي ٽيم اهو مقابلو کٽڻ ۾ ناڪام رهي يا نمبيا اپ سيٽ ڪري ڇڏيو ته پاڪستان سپر ايٽ مرحلي جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي ويندو . ان ڪري ايندڙ ميچ پاڪستان لاءِ ناڪ آئوٽ حيثيت اختيار ڪري چڪي آهي ۽ ٽيم کي هر شعبي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي ته جيئن ايندڙ مرحلي ۾ جڳهه ٺاهي سگهي.











