ڏهين آءِ سي سي مينز ٽي – 20 ورلڊ ڪپ ۾ اڱاري ڏينهن وڌيڪ ٽي ميچ کيڏيا ويندا

پالي ڪيلي- 16 فيبروري (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيندڙ آءِ سي سي مينز ٽي - 20 ورلڊ ڪپ ۾  اڱاري تي وڌيڪ ٽي ميچ کيڏيا ويندا. اسپورٽس ويب سائيٽ موجب، پهريون ميچ گروپ ڊي جي ٽيمن نيوزيلينڊ ۽ ڪينيڊا وچ ۾ ايم اي چدم برم اسٽيڊيم، چنائي ۾ کيڏيو ويندو. ٻيو ميچ گروپ بي جي ٽيمن آئرلينڊ ۽ زمبابوي وچ ۾ ٿيندو. اهو  ورلڊ ڪپ جو 31هون ميچ هوندو، جيڪو پالي ڪيلي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم پالي ڪيلي ۾ کيڏيو ويندو. ٽورنامينٽ …

پالي ڪيلي- 16 فيبروري (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيندڙ آءِ سي سي مينز ٽي – 20 ورلڊ ڪپ ۾  اڱاري تي وڌيڪ ٽي ميچ کيڏيا ويندا. اسپورٽس ويب سائيٽ موجب، پهريون ميچ گروپ ڊي جي ٽيمن نيوزيلينڊ ۽ ڪينيڊا وچ ۾ ايم اي چدم برم اسٽيڊيم، چنائي ۾ کيڏيو ويندو. ٻيو ميچ گروپ بي جي ٽيمن آئرلينڊ ۽ زمبابوي وچ ۾ ٿيندو. اهو  ورلڊ ڪپ جو 31هون ميچ هوندو، جيڪو پالي ڪيلي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم پالي ڪيلي ۾ کيڏيو ويندو. ٽورنامينٽ جو ٽيون ۽ آخري ميچ گروپ سي جي ٽيمن اسڪاٽ لينڊ ۽ نيپال وچ ۾ ممبئي ۾ کيڏيو ويندو. محدود اوورن جي فارميٽ جي ڏهين ميگا ايونٽ جا دلچسپ مقابلا هندستان ۽ سريلنڪا ۾ جاري آهن جن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي سخت ٽ بهترين ميچون ڏسڻ لاءِ ملي رهيون آهن. ميگا ايونٽ ۾ 20 ٽيمون ٽائيٽل لاءِ مقابلو ڪري رهيون آهن. ميزبان ٽيم ڀارت دفاعي چيمپئين آهي. ميگا ايونٽ ۾ فائنل سميت 55 ميچ کيڏيا ويندا. ٽورنامينٽ جو فائنل 8 مارچ تي کيڏيو ويندو.