بيونس آئرس 16 فيبروري (اي پي پي) ارجنٽائن جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ فرانسسڪو سرنڊولو اي ٽي پي ارجنٽائن اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق، 27 سالن جي ارجنٽائن جي ٽينس اسٽار فرانسسڪو سرنڊولو مردن جي سنگلز مقابلي جي فائنل ميچ ۾ پنهنجي مخالف اٽلي جي ٽينس اسٽار لوسيانو دارديري کي شڪست ڏئي پنهنجي ڪيريئر جو چوٿون اي ٽي پي ٽائيٽل کٽي ورتو. ارجنٽائن جي …
ٽاپ سيڊ فرانسسڪو سرنڊولو هوم گرائونڊ تي اي ٽي پي ارجنٽائن اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتو

مزید خبریں
بيونس آئرس 16 فيبروري (اي پي پي) ارجنٽائن جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ فرانسسڪو سرنڊولو اي ٽي پي ارجنٽائن اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق، 27 سالن جي ارجنٽائن جي ٽينس اسٽار فرانسسڪو سرنڊولو مردن جي سنگلز مقابلي جي فائنل ميچ ۾ پنهنجي مخالف اٽلي جي ٽينس اسٽار لوسيانو دارديري کي شڪست ڏئي پنهنجي ڪيريئر جو چوٿون اي ٽي پي ٽائيٽل کٽي ورتو. ارجنٽائن جي شهر بيونس آئرس ۾ جاري اي ٽي پي ايونٽ جي دلچسپ ميچن جو سلسلو جاري آهي. بيونس آئرس لان ٽينس ڪلب ۾ کيڏيل اي ٽي پي ايونٽ جي مردن جي سنگلز مقابلي جي آخري ميچ ۾ 27 سالن جي ارجنٽائن جي ٽينس اسٽار شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ پنهنجي مخالف رانديگر کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ کٽي ورتو. فائنل مقابلي ۾ 27 سالن جي فرانسسڪو سرنڊولو هڪ ڪلاڪ ۽ 37 منٽن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ميچ کان پوءِ، فرانسسڪو سرنڊولو چيو ته اها سندس ڪيريئر جي هاڻي تائين جي بهترين ميچ هئي. هن چيو ته پنهنجي شهر ۽ ملڪ ۾ پنهنجي خاندان ۽ دوستن جي سامهون ٽائيٽل کٽڻ سندس خواب هو ۽ هن کي ڊپ هو ته اهو ڏينهن ڪڏهن به نه ايندو پر اها منهنجي ڪيريئر جي بهترين ميچن مان هڪ هئي.











